Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

Book Name:Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

ڪنداسين۔ اي ڪاش! سڄو بيان چڱين چڱين نيتن ۽ مڪمل توجھ سان ٻڌڻ نصيب ٿي وڃي۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                  صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

       اچو! سڀ کان پهريان قُرآنِ ڪريم بابت هڪ زبردست حڪايت ٻڌون ٿا:

ماءُ ۽ پٽن جي تلاوت جو معمول

      حضرت علي بن صالح رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ۽ حضرت حسن بن صالح رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه اهي ٻئي ڀائر هئا۔ انهن جي گھر ۾ روزانو رات ۾ هڪ قرآن پاڪ ختم ڪيو ويندو هو۔ قرآنِ پاڪ جو هڪ حصو حضرت علي بن صالح رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه تلاوت ڪندا هئا، ٻيو حصو سندن ڀاءُ حضرت حسن بن صالح تلاوت ڪندا هئا، جڏهن ته ٽيون آخري حصو سندن والده تلاوت ڪنديون هيون۔ اهڙي طرح سندن گھر ۾ روزانو هڪ ختم قرآن جي ترڪيب ٿيندي هئي۔ ڪجھ عرصي کان پوءِ سندن امڙ جو انتقال ٿي ويو۔ ان کان پوءِ اهي ٻئي ملي اڌ اڌ قرآن تلاوت ڪندا هئا ۽ ختمِ قرآن ڪندا هئا۔ پوءِ حضرت علي بن صالح رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو به انتقال ٿي ويو ته حضرت حسن بن صالح رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هر رات اڪيلو مڪمل ختمِ قرآن ڪندا هئا۔

      هڪ شخص جيڪو حضرت علي بن صالح رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي وفات واري رات سندن وٽ هيا، اهو چون ٿا ته جنهن رات حضرت علي بن صالح رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي وفات ٿي، انهن مون کي چيو: ڀاءُ! مون کي پاڻي پيئار۔ اهو شخص چوي ٿو ته مان ان وقت نماز ۾ مشغول هئس، سلام ڦيري مون پاڻي ڀريو ۽ ان وٽ کڻي ويس ۽ چيم: پاڻي حاضر آهي، پي وٺو۔ ته حضرت علي بن صالح رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه چوڻ لڳا: مون هينئر هينئر پاڻي پي ورتو آهي۔ مون حيران ٿي چيو: اوهان کي ڪنهن پاڻي پياريو؟ جڏهن ته ڪمري ۾ ته منهنجي ۽ اوهان جي علاوه ٽيون ته ڪو به نه آهي! اهو ٻڌي حضرت علي بن صالح رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائڻ لڳا: الله پاڪ جي رحمت سان هيئنر هينئر حضرت سَيدُنا جبريل عَلَيه السَّلَام پاڻي کڻي آيا ۽ انهن مون کي سيراب ڪيو ۽ مون کي اهو به فرمايائون: انبيا، صديقَ، شهيدَ، ۽