Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

Book Name:Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

صالحين عَلَيهمْ الصَلٰوةُ وَالسَّلَام هي اهي ماڻهو آهن جن تي الله پاڪ انعام فرمايو آهي ۽ ٻُڌو! توهان، توهان جو ڀاءُ ۽ توهان جا والد به انهن ماڻهن مان آهن جن تي الله ڪريم جو انعام آهي، حضرت علي بن صالح رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه اهو چيو پوءِ سندن روح پرواز ٿي ويو۔      (صفة الصفوة،الجزء الثالث،۲/ ۱۰۰ بتغير)

تلاوت کی توفیق دیدے الٰہی!

گناہوں کی ہو دور دل سے سیاہی

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                  صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هن حڪايت مان معلوم ٿيو ته بزرگانِ دِين قرآنِ ڪريم جي اهميت کان چڱي طرح واقف هئا، ان ڪري هميشه هن سان تعلق بڻائي رکندا هئا، هن جي تلاوت ڪندا هئا ۽ وڌ کان وڌ ختمِ قرآن جي ڪوششن ۾ لڳل رهندا هئا۔ پنهنجن گھرن کي تلاوتِ قرآن سان مزين رکندا هئا جيئن ته اوهان هينئر ٻڌو ته حضرت علي، حضرت حسن ۽ انهن جي والده روزانو پنهنجي گھر ۾ پورو قرآن پاڪ ختم ڪندا هئا، اوهان اهو به ٻڌو ته انهن کي انعام يافته ٻانهن ۾ شامل ٿيڻ جي خوش خبري ٻڌائي وئي۔

      هڪ مدني گل اهو به مليو ته اهو ڪيترو خوش نصيب گھراڻو هو جو تلاوتِ قرآن جهڙي عظيم نيڪي ۽ عبادت ۾ هر هڪ ٻئي جو مُعاون ۽ مددگار به هو، ڄڻ ته انهن مان ڪو به نيڪين کان پوئتي رهڻ نه پئي چاهيو، پر اڄ ائين ته گھٽ نظر ايندو آهي، بلڪ هاڻي ته بدقِسمتي سان نيڪي جي ڪمن ڏانهن قدم وڌائڻ واري جي حوصله افزائي جي بدران دِل شڪني ڪئي ويندي آهي، اي ڪاش! اسان به نيڪيءَ جي ڪمن ۾ هڪ ٻئي جا مدد گار بڻجون۔

      اي ڪاش! اسان به پنهنجي گھرن کي تلاوتِ قرآن سان روشن ڪريون، اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ گھرن کي تلاوتِ قرآن ڪري ۽ نمازون پڙهي آباد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي۔ جيئن

       نبي ڪريم، رؤف و رحيمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: پنهنجي گھرن کي قبرستان نه بڻايو (يعني پنهنجي گھرن ۾ عبادت ڪريو) ۽ شيطان ان گھر کان پري