Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

Book Name:Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

ڀڄندو آهي جنهن ۾ ’’سوره بقره‘‘ جي تلاوت ڪئي ويندي آهي (مسلم، ڪتاب صلاة المسافرين وقصرها، باب استحباب صلاة النافلة۔۔۔ الخ، ص۳۰۶،الحديث:۱۸۲۴)

      اهڙي طرح آقا ڪريم، محبوبِ ربِّ عظيمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايائون: جنهن ڏينهن جي وقت پنهنجي گھر ۾’’سوره بقره‘‘جي تلاوت ڪئي ته 3 ڏينهن تائين شيطان ان جي گھر جي ويجھو نه ايندو ۽ جنهن رات جي وقت پنهنجي گھر ۾ سوره بقره جي تلاوت ڪئي ته 3 راتيون ان گھر ۾ شيطان داخل نه ٿيندو۔ (شعب الايمان، التاسع من شعب الايمان۔۔۔ الخ، فصل في فضائل السور والآيات، ذڪر سورة البقرة۔۔۔ الخ، ۲/۴۵۳، الحديث: ۲۳۷۸)

      پر افسوس اڄ اسان جي گھرن جو ڪهڙو حال آهي؟ اڄ اسان جي گھرن ۾ تلاوت ِقرآن جو آواز ناهي ايندو، پر گانن جو آواز ايندو آهي، نمازون ته نٿيون پڙهيون وڃن پر فلمون ڊراما ضرور ڏٺا ويندا آهن، مدني درس ته ناهي ٿيندو پر گار گند، جھيڙو جھٽو، الله پاڪ جي نافرماني ضرور ٿيندي آهي، اچو اسان پنهنجي گناهن کان پڪي سچي توبه ڪريون، تلاوتِ قرآن جي ڪثرت ڪريون، الله پاڪ جي بارگاھ ۾ جھڪي وڃون، پنهنجي ربّ کي راضي ڪريون، نه ته ياد رکو! جيڪڏهن اسان ربّ کي راضي نه ڪيو، نمازون نه پڙھيون، تلاوتِ قرآن نه ڪئي ته اسان دُنيا ۽ آخرت ۾ برباد ٿي سگھون ٿا۔

      حڪيم الامت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: گھر جي آبادي انسان ۽ سامان سان ٿيندي آهي، دل جي آبادي قرآن سان ٿيندي آهي، باطن يعني روح جي آبادي ايمان سان ٿيندي آهي ته جنهن کي قرآن بالڪل ياد نه هجي يا ياد ته هجي پر ڪڏهن ان جي تلاوت نه ڪري يا ان جي خلاف عمل ڪري ان جي دل ائين ئي ويران آهي جيئن انسان ۽ سامان کان خالي گھر ويران هوندو آهي۔(مراة المناجيح،۳/۲۳۷ بتغير)

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! يقيناً اسان جي لاءِ بهتر اهو ئي آهي ته اسان به قرآنِ ڪريم جي اهميت کي سمجھون، ان جي عظمت ۽ افاديت کي سمجھون ۽ ان سان پنهنجو تعلق مضبوط ڪريون۔ هڪ مسلمان جو سڀ کان وڌيڪ مضبوط تعلق (Connection)قرآنِ پاڪ سان ئي هئڻ گھرجي۔ ٭ هي اهو مُقدَّس ڪتاب آهي جنهن ۾ دنيا جهان جي سمورن مسئلن جو حل مَوجُود آهي۔ ٭ هي اهو مُقدَّس ڪتاب آهي جيڪو اسان کي نيڪين ڏانهن مائل ڪندو آهي، ٭ هي