Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

Book Name:Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

اهو مُقدَّس ڪتاب آهي جيڪو اسان کي اِطاعتِ الٰهي ۽ اتباعِ رسول جو حڪم ڏيندو آهي۔ ٭ هي اهو مُقدَّس ڪتاب آهي جنهن کي پڙھڻ عبادت آهي۔ ٭ هي اهو مُقدَّس ڪتاب آهي جنهن کي ڏسڻ عبادت آهي۔ ٭ هي اهو مُقدَّس ڪتاب آهي جنهن جي تعليمات تي عمل ڪرڻ به عبادت آهي۔ ٭ هي اهو مُقدَّس ڪتاب آهي جنهن ۾ اسان جي لاءِ دِيني، دنياوي، معاشي، سماجي، معاشرتي، اخلاقي اَلغَرَض! تمام پهلوئن جي باري ۾ رهنمائي موجود آهي۔٭ حق ۽ سچ ڇا آهي ؟ اهو به اسان کي قرآن ٻڌائي ٿو، ٭ سڌو ۽ روشن رستو ڪهڙو آهي اهو به اسان کي قرآنِ پاڪ ٻڌائي ٿو۔٭ زندگي ڪيئن بهتر (Better) ٿي سگھي ٿي اهو به اسان کي قرآن ٻڌائي ٿو، ٭ آخرت ڪيئن بهتر ٿي سگھي ٿي اهو به اسان کي قرآن ٻڌائي ٿو۔ ٭ سٺا اخلاق ڪهڙا آهن اهو به اسان کي قرآن ٻڌائي ٿو ٭ بهترين رزق ڇا آهي؟ اهو به اسان کي قرآن ٻڌائي ٿو۔٭ حڪمت ۽ دانائي ڇا آهي اهو به اسان کي قرآن ٻڌائي ٿو ٭ ترقي ۽ عروج ڇا آهي اهو به اسان کي قرآن ٻڌائي ٿو۔ اَلغَرَض! قرآنِ پاڪ ۾ هر شيء جو بيان آهي۔ اسان کي گھرجي ته اسان ان جي اهميت کي سمجھون ۽ ان کي پڙھڻ سمجھڻ کي پنهنجو معمول بڻايون۔

      قرآنِ پاڪ سمجھڻ جي لاءِ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو ترجمو ڪنزالايمان سان گڏ علماءِ اهلسنّت جا تفسير پڙھڻ به ضروري آهن، لهٰذا خزائن العرفان، نور العرفان، صراط الجنان روزانو پڙھون بلڪه اسان جو ته مدني انعام به آهي ته ٽي آيتون، ترجمي ۽ تفسير سان پڙهيون يا ٻڌيون۔ ٿي سگھي ته روزانو بعدِ فجر مدني حلقي ۾ ڪم و پيش 3 آيتون ترجمي ۽ تفسير سان گڏ پڙھڻ ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريو۔

اهڙي طرح تفسير صراطُ الجنان جو به وقت بوقت مطالعو ڪريو۔ اچو تفسير صراط الجنان جون پنج (5) نمايان خصوصيتون به ٻڌون ٿا: ﴿1 تفسيرصِراطُ الجنان ۾ هر آيت جا 2 ترجما ڏنا ويا آهن، هڪ سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ڪنزالايمان مان، ٻيو ترجمو آسان اُردو ۾ ڪنزُالعرفان جي نالي سان ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ گھڻو ڪري ڪنزالايمان مان ئي فائدو ورتو