Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

Book Name:Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

ويو آهي۔﴿2 تفسير صِراطُ الجنان ۾ قابلِ اعتماد علماءِ ڪرام جي قديم ۽ جديد قرآني تفسيرن ۽ ٻين اسلامي عُلوم تي لکيل ڪتابن، خاص ڪري اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي لکيل ڪثير ڪتابن مان ڪلام اَخذ ڪري آسان انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي۔ ﴿3تفسير صِراطُ الجنان نه وڌيڪ ڊگھو آهي نه ئي نهايت مختصر، بلڪه متوسط ۽ جامع آهي۔ ﴿4 تفسير صِراطُ الجنان ۾ وس آهر آسان انداز اختيار ڪيو ويو آهي ته جيئن عام اسلامي ڀائر به هن مان فائدو حاصل ڪري سگھن۔ ﴿5تفسير صِراطُ الجنان ۾ اعمال جي اِصلاح جي لاءِ مُعاشرتي بُرائين جو تذڪرو ۽ معاشرتي برائين جا عذاب بيان ڪيا ويا آهن۔

الله پاڪ اسان کي قرآن پڙھڻ، سمجھڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

کنزالایمان اے خدا میں کاش! روزانہ پڑھوں

پڑھ کے تفسیر اس کی پھر اس پر عمل کرتا رہوں

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                  صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ قرآنِ ڪريم جي ڪيترين ئي آيتن سڳورين ۾ ان جي نازل ڪرڻ جي مقصد کي بيان فرمايو ۽ ان تي عمل جي ترغيب ارشاد فرمائي آهي۔ جيئن ته سيپاري 8سُورَة الْاَنْعَام جي آيت نمبر 155 ۾ ارشادِ رَبِّ ڪريم آهي۔

وَ هٰذَا كِتٰبٌ اَنْزَلْنٰهُ مُبٰرَكٌ فَاتَّبِعُوْهُ وَ اتَّقُوْا لَعَلَّكُمْ تُرْحَمُوْنَۙ(۱۵۵)       

ترجَمو ڪنز الايمان: ۽ هِي برڪت وارو ڪِتاب نازل ڪيوسِين پوءِ توهان اُن جِي پيروِي ڪريو ۽ پرهيزگار ٿيو مَن توهان تي رحم ڪيو وڃي.

اُمت تي قرآنِ مجيد جا حق

بيان ڪيل آيت سڳوري تحت ”تفسيرِ صراطُ الْجِنان“ جلد 3 صفحي 247