Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

Book Name:Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

تي آهي: هن (آيت) مان معلوم ٿيو ته امت تي قرآنِ مجيد جو هڪ حق هي آهي ته اهي هن مبارڪ ڪتاب جي پيروي ڪن ۽ هن جي احڪامن جي خلاف ورزي ڪرڻ کان بچن۔

افسوس! اڄوڪي دور ۾ قرآنِ ڪريم تي عمل (ڪرڻ) جي لحاظ ک

ان مسلمانن جو حال نه ٻڌائڻ جوڳو آهي، اڄ مسلمانن هن ڪتاب جي روزانو تلاوت ڪرڻ جي بدران ان کي گھرن ۾ جُزدان ۽ غِلاف جي زينت بڻائي ۽ دُڪانن تي ڪاروبار ۾ برڪت جي لاءِ رکيو آهي ۽ تلاوت ڪرڻ وارا به صحيح طريقي سان نه تلاوت ڪن ٿا ۽ نه اهو سمجھڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته الله ڪريم هن ڪتاب ۾ انهن جي لاءِ ڇا فرمايو آهي۔ تاريخ شاهد آهي ته جيستائين مسلمانن هن مُقَدَّس ڪتاب کي سيني سان لڳائي رکيو ۽ ان جي دَستُور ۽ قانونن (Rules) ۽ اَحڪامن تي سختي سان عمل ڪندا رهيا تيستائين سڄي دنيا ۾ انهن جي شوڪت جي هاڪ هئي ۽ غيرن جي دل مسلمانن جو نالو ٻڌي ڏڪڻ لڳندي هئي ۽ جڏهن کان مسلمانن قرآنِ عظيم جي احڪامن تي عمل ڇڏي ڏنو آهي تڏهن کان اهي سڄي دنيا ۾ ذليل ۽ خوار ٿي رهيا آهن۔ (صراط الجنان، ۳/۲۴۷)

 

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! قرآنِ پاڪ جي اَهميت جو اندازو هن ڳالھ مان به لڳايو جو اهو مقدس ڪتاب اسان کي هر ان شيء ڏانهن سڏي ٿو جيڪو اسان جي لاءِ فائديمند آهي، ۽ اهو اسان کي هر ان شيء کان بچڻ جي تلقين ڪري ٿو جيڪو اسان جي لاءِ نقصان ده هجي۔ اهو ئي سبب آهي جو ان کي رحمت،