Khamosh Rehny ki Aadat Kese Banaein

Book Name:Khamosh Rehny ki Aadat Kese Banaein

زبان کي فُضُول ڳالهين کان روڪي رکيو ۽ اُنهن ڪمن ۾ مشغول ٿي ويس جن ڪمن جو ربِّ ڪريم مون کي حڪم ڏنو ۽ مون خاموشي کي اپنائي رکيو۔ جيڪڏهن مان الله ڪريم تي ڪنهن ڳالھ جي قسم کڻان ته اهو منهنجي قسم پوري ڪري ڇڏي ۽ جيڪڏهن ان کان گھران ته اهو مون کي عطا ڪري ڇڏي۔ (ايڪ چپ سو سڪھ،ص٢٢)

ڪڏهن فضول ڳالھ نه ڪئي

حضرت سَيدُنا ثَابِت بُنَانِي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان روايت آهي، هڪ ڏينهن حضرت سَيدُنا شَدَّا د بن اَوس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ پنهنجي هڪ ساٿي کي فرمايائون: دسترخوان کڻي اچ! ان سان ٿورو دل وندرائيون۔ ساٿي عرض ڪيو: مان جڏهن کان اوهان جي صحبت ۾ رهيو آهيان تڏهن کان وٺي اوهان جي زبان مان اهڙي ڳالھ ناهي ٻُڌي؟ ته پاڻ فرمايائون: رسولِ اڪرم، نورِ مجسّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان جُدا ٿيڻ کان پوءِ ڪڏهن ڪا بي مقصد ڳالھ منهنجي زبان مان ناهي نڪتي ۽ الله پاڪ جو قسم! آئنده به ڪا فضول ڳالھ منهنجي زبان مان نه نڪرندي۔

(الله والوں کی باتيں،۱/۴۷۳)

میں بے کار باتوں سے بچ کے ہمیشہ

کروں تیری حمد و ثنا یاالٰہی

(وسائل بخشش مرمم ،ص۱۰۵)

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                       صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

فُضول سُوال ۽ فُضول گوئي کان بچڻ واري مَدَني انعام جي ترغيب

سُبْحٰنَ الله! ٻڌو اوهان! اسان جا بزرگ سڳورا رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡهِمْ اَجْمَعِين پنهنجي زبان ۽ گفتگو کي فُضُوليات کان ڪيتري قدر بچائيندا هئا، خاموشي اختيار ڪرڻ، انهن کي ڪيتري قدر پسند هوندو هو ۽ خاموشي اختيار ڪرڻ جي برڪت سان انهن تي ڪهڙيون ڪهڙيون عِنايتون ۽ نوازشون ٿينديون آهن، تنهنڪري اسان