Khamosh Rehny ki Aadat Kese Banaein

Book Name:Khamosh Rehny ki Aadat Kese Banaein

کي به ان الله وارن جي نقشِ قدم تي هلندي فُضُول ۽ بي مقصد گفتگو کان بچڻ ۽ هميشه بامقصد گفتگو ڪرڻ يا خاموشي اختيار ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪرڻ گھرجي، ته جيئن اسان کي به ان جون خوب خوب برڪتون نصيب ٿين۔ قربان وڃجي! شَيخِ طريقت، اميرِ اَهلسنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ تي جن مسلمانن کي نيڪ بنائڻ، انهن کي گناهن ۽ ٻين بُرن ڪمن کان بچائڻ جي لاءِ مسلسل پنهنجون ڪوششون جاري رکيون آهن، ان جي واضح جھلڪ ڏسڻي هجي ته مڪتبة المدينه تان ” 72مدني انعامات جو رسالو هدِيو ڏئي طلب ڪري ان جو غور سان مطالعو ڪري ڏسي وٺو۔ اَلْحَمْدُلِلّٰه هن مختصر   رسالي جي ذريعي پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ مسلمانن کي فُضُول گفتگو کان بچڻ جي ترغيب تي به مُشتَمِل سُوال مَدَني انعامات جي صورت ۾ عطا فرمايا آهن، جيئن

مَدَني انعامات نمبر29: ڇا اڄ توهان ڪنهن کان اهڙا فضول سوال ته نه ڪيا جن جي ذريعي مسلمان عمومًا ڪوڙ جي ڪبيره گناهه ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن. (مثلاً بنا ضرورت جي پڇڻ توهان کي اسان جو کاڌو پسند آيو؟ وغيره)

مَدَني اِنعام نمبر49: ڇا اڄ توهان ضروري گفتگو به گهٽ ۾ گهٽ لفظن ۾ پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي؟ ۽ پڻ فضول ڳالهه وات مان نڪري وڃڻ جي صورت ۾ فورًا پشيمان ٿي ڪري درود شريف پڙهي ورتو؟

اچو! اسان به نيت ڪيون ٿا ته نيڪ بڻجڻ ۽ خاموشي جي عادت اپنائڻ جي نِيت سان اڄ ئي مڪتبة المدينه جي بستي تان ”72 مدني انعامات جو رسالو حاصل ڪنداسين۔ اڄ کان  روزانو فڪرِ مدينه ڪندي مَدَني انعامات جو رِسالو پُر ڪنداسين۔ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏيارينداسين، هر مَدَني مهيني جي پهرين تاريخ جو پنهنجو ۽ ٻين اسلامي ڀائرن جو رسالو به لاڳاپيل ذميدار کي جمع ڪرائينداسين۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ