Khamosh Rehny ki Aadat Kese Banaein

Book Name:Khamosh Rehny ki Aadat Kese Banaein

اچو! ترغيب جي لاءِ مدني انعامات تي عمل ڪرڻ واري هڪ عاشقِ رسول جي ايمان تازو ڪندڙ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا، جيئن

وقتِ نزع پير ومُرشد جي زيارت نصيب ٿي

بلوچستان جي شهر سُوئي جي رهائشي اسلامي ڀاءُ جو وڏو ڀاءُ (عمر تقريباً 35 سال) 2003 کان بيمار رهڻ لڳو، ڊاڪٽرز بلڊ ڪينسر جو مرض ظاهر ڪيو۔ ان جو ڀاءُ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ۽ اميرِ اَهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو مُريد هو، انهيء برڪتن جي طفيل مٿي تي عمامي شريف جو تاج سجيل رهندو هو۔ سخت ڪمزوري ۽ تڪليف جي باوُجود جيستائين زندھ رهيو، ڪا نماز قضا نه ٿيڻ ڏني بلڪ ماڻهو ان ڳالھ تي حيران هئا ته اهو هن حالت ۾ به پنهنجي پير ۽ مرشد جي عطا ڪيل 72 مَدَني انعامات جي مطابق عمل رکندو رهيو۔ ڄڻ ته انهن جي ڪوشش هوندي هئي ته مان مرشِدِ ڪريم جو منظورِ نظر سڏرايان۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اُن جي زبان تي سڄو ڏينهن ڪلِمو شريف، ذِڪرُ الله يا دُرودِ پاڪ جاري رهندو هو۔ جنهن ڏينهن انتقال ٿيو سڄي رات به اهو ئي معمول رهيو۔ ڪمزوري (Weakness) جي ڪري نمازِ عشاء اشارن ۾ ادا ڪئي ۽ 18 اگست 2004 ۾ نمازِ فجر مسجد ۾ ادا ڪري پهتو ته ڏٺائين ڀاءُ جيڪو سهاري جي بغير اُٿي نه سگھندو هو بغير سهاري اُٿي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ والده ان کي سنڀالي رهي هئي، ان ويجھو پهچي ڀاءُ کان پڇيو، ڇا ڳالھ آهي؟ ڪٿي وڃڻو آهي؟ ته ڀاءُ چيو: اهو ڏسو سامهون منهنجا پير ۽ مرشد اميرِ اَهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ تشريف وٺي آيا آهن۔ اهو چوڻ کان پوءِ انهن جو جسم هلڪو ٿي پيو، انهن سهارو ڏئي ڀاءُ کي بستر تي ليٽايو۔ پوءِ ڏٺو ويو ته انهن جو انتقال ٿي چڪو هو۔

اپنائے جو سدا کیلئے سُنّتِ نبی                                            میری دعا ہے خُلد میں جائے نبی کے ساتھ

                                                                                      (وسائل بخشش مرمم،ص٢)

مختصر وضاحت: يعني جيڪو عاشقِ رسول هميشه رسولِ هاشمي، مڪي