Khamosh Rehny ki Aadat Kese Banaein

Book Name:Khamosh Rehny ki Aadat Kese Banaein

مَدَني صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري پياري سُنّتن کي اپنائيندو آهي، اميرِ اَهلسنّت دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه ان خوش نصيب کي اهو دعا ڏئي رهيا آهن ته ربِّ ڪريم ان کي نبي اڪرم، شهنشاھ آدم و بني آدم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان گڏ جنت ۾ داخلا نصيب فرمائي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

خاموش رهڻ جي عادت ڪيئن بڻايون؟

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان خاموشي جي فضيلتن ۽ فُضُول ڳالهين کان بچڻ جي باري ۾ ٻُڌي رهيا آهيون، اچو! خاموش رهڻ جي عادت اپنائڻ جي لاءِ ڪجھ مَدَني گل ٻُڌون ٿا ۽ عمل جي ڪوشش به ڪيون ٿا، جيئن

(1) خاموش رهڻ جي عادت بنائڻ جي لاءِ لکي گُفتگُو ڪرڻ جي عادت بڻايو۔ البت جتي فتني جو خطرو هجي، اتي ضرورتاً ڪلام ڪرڻ ۾ حرج ناهي۔ (2) خاموش رهڻ جي عادت بنائڻ جي لاءِ خاموشي جي فضيلتن ۽ فضول ڳالهين جي تباھ ڪارين کي پيشِ نظر رکو۔ (3) خاموش رهڻ جي عادت بنائڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي ڪتاب هڪ چُپ سؤ سُک (خاموشي جي فضيلتن) ۽ اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُهمُ الْعَالِيه جو رسالو خاموش شهزادو جو مطالعو فرمايو۔

احياء العلوم جلد 3 صفحي نمبر341 کان 500 تائين زبان جي 20 آفتن جو مطالعو ڪريو۔

(4) خاموش رهڻ جي عادت بنائڻ جي لاءِ بُري صحبت کان بچو ۽ عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته عاشقانِ رسول جي صحبت اختيار ڪريو۔

اهڙن اسلامي ڀائرن جي صُحبت اِختيار ڪئي وڃي جيڪي خاموشي اِختيار ڪرڻ وارا هجن، جيڪي مَدَني انعامات جا عامل هجن۔