Khamosh Rehny ki Aadat Kese Banaein

Book Name:Khamosh Rehny ki Aadat Kese Banaein

(5) خاموش رهڻ جي عادت بنائڻ جي لاءِ اڪثر وقت (Time) گھر يا مسجد ۾ گذاريو۔ (6) خاموش رهڻ جي عادت بنائڻ جي لاءِ هر مهيني 3 ڏينهن جي مَدَني قافلي ۾ سفر کي پنهنجو معمول بڻايو۔ (7) خاموش رهڻ جي عادت بنائڻ جي لاءِ هفتيوار سُنّتن ڀري اجتماع ۽ مدني مذاڪري ۾ شرڪت کي پنهنجو معمول بڻائي وٺو۔ رَمَضان ۾ ته اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ روزانو 2 مَدَني مذاڪرن جون مَدَني بهارون آهن، سڄي دُنيا ۾ موجود لکين عاشقانِ رسول روزانو انهن مَدَني مذاڪرن جي بَرَڪت سان عِلمِ دِين حاصل ڪندا آهن۔ اسان به انهن مَدَني مذاڪرن ۾ پابندي سان شرڪت کي پنهنجو معمول بڻائي وٺون، ٻيون فضيلتون ۽ برڪتون حاصل ٿيڻ سان گڏوگڏ خاموشي جي فضيلتن جي به خبر پوندي، خاموش رهڻ جي عادت ڪيئن بڻائي سگھجي ٿي، اهو به سکڻ جو موقعو ملندو۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

(8) خاموش رهڻ جي عادت بنائڻ جي لاءِ موبائل جو گھٽ ۾ گھٽ استعمال ڪيو وڃي۔ (9) خاموش رهڻ جي عادت بنائڻ جي لاءِ صرف ۽ صرف مَدَني چينل ئي ڏسو۔

اِصلاحِ اعمال ڪورس ۽ 12 مَدَني ڪم ڪورس ڪرڻ جي برڪت سان به فضول ڳالهين کان بچڻ ۽ خاموشي جي عادت اپنائڻ جو مَدَني ذهن بڻجندو۔

الله ڪريم اسان کي ڏينهن جو اڪثر حصو خاموش رهڻ جي توفيق نصيب فرمائي، فضول ۽ بيڪار ڳالهين کان اسان جي حفاظت فرمائي۔

 اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِينْ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

فضول اور بیکار باتوں کے بدلے                              کروں کاش! ہر دم مدینے کی باتیں

                                                                                     (وسائل بخشش مرمم،۲۷۳)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد