Khamosh Rehny ki Aadat Kese Banaein

Book Name:Khamosh Rehny ki Aadat Kese Banaein

مجلس خصوصي اسلامي ڀائي

اي عاشقانِ رسول! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ
جي فيضان سان عُمُومي اسلامي ڀائرن سان گڏوگڏ خصوصي يعني گونگا (Dumb)، ٻوڙا (Deaf) ۽ نابين (Blind) اسلامي ڀائر به فيضياب ٿي رهيا آهن۔ هي اهي ماڻهو آهن جن کي عام طور معاشري ۾ ڪو اهميت ناهي ڏيندو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ!اميرِاهلسنّت دَامَتْ بَرَکَاتُهمُ الْعَالِيه جي مدني تربيت ۽مجلس خُصُوصي اسلامي ڀائرن جي ڪاوِشن جي نتيجي ۾ اڄ پاڪستان جي ڪيئي شهرن ۾ عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سُنّتن ڀري اجتماعن ۾ خصوصي اسلامي ڀائرن جا حلقا لڳندا آهن۔ وڏين راتين جي اجتماعن مثال طور اجتماعِ ميلاد، اجتماعِ غوثيه، اجتماعِ معراج، اجتماعِ شبِ براءَت ۽ اجتماعِ شبِ قدر وغيره ۽ رَمَضانُ المبارَڪ جي اجتماعي اعتڪاف ۾ به خصوصي اسلامي ڀائرن جا حلقا لڳايا ويندا آهن۔ جن ۾ باقاعده اشارن جي زبان ۾ نعت، بيان، ذڪر ۽ دعا جي ترڪيب به ٿيندي آهي۔ خصوصي اسلامي ڀائرن ۾ مَدَني ڪم ڪرڻ ۽ اشارن جي زبان ۾ نيڪي جي دعوت جون ڌُومون مچائڻ جي لاءِ وقت بوقت مُبَلِّغن کي قفلِ مدينه ڪورس ڪرايو ويندو آهي ۽ گونگا ٻوڙا ۽ نابين اسلامي ڀائرن جا مَدَني قافلا به سفر ڪندا آهن۔

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! پاڪستان جي ڪيئي شهرن ۾ خصوصي (يعني نابين، گونگين ٻوڙين) اسلامي ڀينرن تائين به نيڪي جي دعوت پهچائڻ جو سلسله جاري ۽ ساري آهي، انهن خصوصي اسلامي ڀينرن ۾ مدني ڪم ڪرڻ جي لاءِ باقاعده ذمه دار اسلامي ڀينرن جي مدني ڪورسز جو سلسلو به ٿيندو رهندو آهي۔ خصوصي اسلامي ڀينرن کي نيڪي جي دعوت اسلامي ڀنيرون ئي ڏينديون آهن۔

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں                                  اے دعوتِ اسلامی تِری دھوم مچی ہو

                                                                               (وسائلِ بخشش مُرمَّمْ،ص۳۱۵)