Khamosh Rehny ki Aadat Kese Banaein

Book Name:Khamosh Rehny ki Aadat Kese Banaein

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! رَمَضَانُ المُبَارَڪ جو پاڪيزه مهينو اسان جي وچ ۾ پنهنجون برڪتون ۽ رحمتون لٽائي رهيو آهي، هن مبارڪ مهيني ۾ الله ڪريم جي هڪ مقرب ولي جو يومِ ولادت به ملهايو ويندو آهي، جنهن کي دُنيا اڄ شيخ طريقت، امير اهلسنت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطّار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي نالي سان سڃاڻي ٿي، سندن يومِ ولادت جي مُناسبت سان ذِڪر عطار ٻڌون ٿا:

26 رمضان المبارڪ جشنِ ولادتِ عطار

شيخ طريقت، اَميراَهلسنّت ،باني دعوتِ اسلامي،حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادِري رَضَوي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ 26 رَمَضَانُ المُبَارڪ 1369ھ بمطابق 1950ء ۾ پاڪستان جي مشهور شهر باب المدينه ڪراچي ۾ پيدا ٿيا۔ اميرِ اَهلسنّت جا ابا ڏاڏا، هند جي ضلعي ”گجرات“ ۾ مقيم هئا۔ سندن ڏاڏي عبدالرحيم رَحْمَةُ اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه جي نيڪ نامي سڄي علائقي ۾ مشهور هئي۔ جڏهن پاڪستان مَعرِضِ وُجود ۾ آيو ته اميرِاَهلسنّت دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه جا والدين سڳورا هجرت ڪري پاڪستان تشريف وٺي آيا۔ ابتدا ۾ بابُ الاسلام (سندھ) جي مشهور شهر زم زم نگر (حيدرآباد) ۾ قِيام فرمايائون۔ ڪجھ عرصو اتي رهڻ کان پوءِ بابُ المدينه (ڪراچي) ۾ تشريف فرما ٿيا ۽ اتي رهائش اختيار ڪيائون۔

علمِ دين جو شوق

اميرِ اَهلسنّت دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه کي علمِ دين حاصل ڪرڻ جو بيحد شوق ۽ جذبو هو، اهو ئي سبب آهي جو پاڻ جواني ئي واري زماني ۾ ديني علومِ جي زيور سان آراسته ٿي چڪا هئا۔ پاڻ حصولِ علم جي ذريعن مان ڪتاب پڙهڻ ۽ عالم سڳورن جي صحبت کي اختيار ڪيو۔ ان سلسلي ۾ پاڻ مسلسل 22 سال مُفتي اعظم پاڪستان حضرت علامه مولانا مُفتي وقارُالدين قادِري رَضَوي رَحْمَةُ اللّٰه عَلَيه