Khamosh Rehny ki Aadat Kese Banaein

Book Name:Khamosh Rehny ki Aadat Kese Banaein

   جي صحبتِ بابَرَڪت سان فيض حاصل ڪندا رهيا ۽ پوءِ هڪ وقت اهڙو آيو جو انهن اميرِ اَهلسنّت دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه کي پنهنجي خلافت ۽ اجازت سان به نوازي ڇڏيو۔

 

تصانيفِ اميرِ اهلسنت

فيضانِ سنتجلد اَوّل ۽ دُوُّم،ڪفريه ڪلمات جي باري ۾ سُوال جواب،پردي جي باري ۾ سُوال جواب،نماز جا احڪام ۽ اسلامي ڀينرن جي نماز اميرِاهلسنت، باني دعوتِ اسلامي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جا مشهور ۽ معروف ڪتاب آهن۔

معمولاتِ عطار

٭ اميرِ اَهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي زندگي وقت جي پابندي ۽ مستقل مزاجي ۾ مشهور آهي، پاڻ مسلسل باجماعت نماز ادا ڪندا آهن ۽ سنتن ۽ آداب جو هر وقت لحاظ رکندا آهن۔ ٭ پاڻ عام طور سادو ۽ سفيد لباس بغير استري جي استعمال ڪرڻ پسند ڪندا آهن جڏهن ته مٿي تي ننڍي سائز جو سادو عمامو ٻڌندا آهن۔ ٭ اميرِ اَهلسنّت دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه  ماڻهن جي اصلاح ڪرڻ جي معاملي ۾ بي حد مُتَحَرِّڪ نظر ايندا آهن۔ ٭ پاڻ ڪڏهن به ڪنهن خلافِ شرع يا خلافِ سنّت ڪم کي ڏسي خاموش ناهن رهندا بلڪ يڪدم سهڻي ۽ پياري انداز ۾ پيار ۽ محبت سان سامهون واري جي اصلاح ڪندا آهن۔ ٭ هن پُرفِتن دور ۾ علمِ دين سان بي رغبتي ۽ هر خاص ۽ عام جو ميلان صرف دُنياوي تعليم ڏانهن ٿيڻ جي ڪري ۽ ديني مسئلن بابت ڄاڻ نه هئڻ جي ڪري هر پاسي جهالت ڦھلجندي پئي وڃي، اهڙن نازڪ حالتن ۾ اميرِ اَهلسنّت دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه  ڏينهن رات دين جي خدمتن ۾ مصروفِ عمل رهيا ايستائين جو پاڻ 1401 ھ بمطابق 1981ء ۾ عاشقان رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جهڙي عظيم ۽ عالمگير تحريڪ جو بنياد رکيو جنهن جو مدني پيغام سڄي دنيا ۾ پهچي چڪو آهي ۽ دعوتِ اسلامي 107 کان وڌيڪ شعبن ۾ دِين جي خدمت سرانجام