Khamosh Rehny ki Aadat Kese Banaein

Book Name:Khamosh Rehny ki Aadat Kese Banaein

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

  سُنّتیں عام کریں دین کا ہم کام کریں                                              نیک ہو جائیں مسلمان مدینے والے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جا اهم مدني گل

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو شيخِ طريقت،اميراهلسُنَّتدَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي ’’101 مَدَني گل‘‘ مان ڳالھ ٻولھ جي حوالي سان ڪجھ اهم مدني گل ٻڌون ٿا: ٭ مسڪرائي ۽ خوش اخلاقيءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪريو ٭ مسلمانن جي دلجوئي جي نيّت سان ننڍن سان شفقت وارو ۽ وڏن سان ادب وارو لهجو اختيار ڪيو ٭ رڙيون ڪري ڳالهائڻ کان تمام گهڻو احتياط ڪيو ٭ کڻي هڪ ڏينهن جو ٻار هجي سٺين سٺين نيتن سان ان سان به اوهان توهان سان گفتگو ڪرڻ جي عادت بڻايو، اوهان جا اخلاق به اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ عمدا ٿيندا ۽ ٻار به ادب سکندو ٭ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ وقت  اُگهڙ جي جاءِ تي هٿ لڳائڻ، آڱرين سان بدن تان مير لاهڻ، ٻين جي سامهون بار بار نڪ ۾ آڱر وجهڻ، يا ڪن ۾ آڱر وجهڻ، ٿُڪ اڇلائڻ سٺي ڳالهه ناهي ٭ جيستائين ٻيو ڳالهائي رهيو هجي ته اطمينان سان ٻُڌو، ان جي ڳالهه ڪٽي پنهنجي ڳالهه شروع ڪرڻ سنّت مان ثابت ناهي۔ ڳالهائڻ وقت هميشه ياد رکو ته وڌيڪ ڳالهيون ڪرڻ سان رعب ختم ٿي ويندو