Khamosh Rehny ki Aadat Kese Banaein

Book Name:Khamosh Rehny ki Aadat Kese Banaein

جا نقصان، خاموش رهڻ جا فائدا ۽ برڪتون، بزرگانِ دين رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡهِمْ اَجْمَعِين جا واقعا ۽ آخر ۾ خاموش (Silent) رهڻ جي عادت بنائڻ جي باري ۾ ڪجھ مدني گل     ٻڌنداسين۔ لهٰذا دِلجمعي ۽ سٺين سٺين نيتن سان شروع کان آخر بيان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريو، دنيا ۽ آخرت بهتر بنائڻ جا ڪيئي مَدَني گل حاصل ٿيندا۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

زبان جي آفت

      دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب ”اللہ والوں کی باتیں جلد 4 صفحي نمبر 469 تي لکيل آهي: حضرتِ سَيدُنا مُعاذ بن جبل رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا: مان غزوهءِ تبوڪ ۾  رسول اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان گڏ هيس، مون پياري پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي اڪيلائي ۾ ڏٺو ته ان موقَعي کي غنيمت سمجھندي ۽ پنهنجي ڏاچي کي ٻنهين جهانن جي سالار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڏانهن ڪاهي ويس، ايستائين جو ڪريم آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان گڏ هلڻ لڳس، مون عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! مون کي اهڙو عمل سيکاريو، جيڪو مون کي جنّت ۾ داخل ڪري ڇڏي۔ ارشاد فرمايائون: توهان تمام وڏي ڳالھ پڇا ڪئي آهي، يقيناً اهو انهيءَ جي لاءِ آسان آهي، جنهن تي الله پاڪ ان کي آسان فرمائي ڇڏي۔

   پوءِ ارشاد فرمايائون: الله پاڪ جي بندگي ۾ ڪنهن کي شريڪ نه ڪيو، فرض نماز پڙھو، فرض ڪيل زڪوٰة ادا ڪريو ۽ رَمَضان جا روزا رکو۔ ان کان پوءِ اسان اڳتي وڌياسين، ته پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: جيڪڏهن توهان چاهيو ته مان توهان کي ڀلائي جي دروازن جي باري ۾ ٻڌايان، (پوءِ پاڻ ئي ارشاد فرمايائون:) ٭ روزو ڍال آهي، ٭ صدقو گناهن کي مٽائي ڇڏيندو آهي. ٭ ۽ رات جي وچ ۾ ماڻهو جو نماز پڙھڻ۔ پوءِ