Khamosh Rehny ki Aadat Kese Banaein

Book Name:Khamosh Rehny ki Aadat Kese Banaein

پاڻ ڪريمن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سيپاري 21 سورهٔ سجده جي آيت نمبر 16 جي تلاوت فرمائي:

تَتَجَافٰى جُنُوْبُهُمْ عَنِ الْمَضَاجِعِ (پ۲۱،السجدة:۱۶)        

ترجمو ڪنزالايمان: انهن جا پاسا جدا هوندا آهن سمهڻ جي جاين کان،

 (حضرت سَيدُنا مُعاذ بن جبل رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا:) ان کان پوءِ اڳتي وڌياسين ته پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايائون: ڇا مان توهان کي سمورين شين جي اصل، سُتون ۽ ٿوهي جي بلندي نه ٻڌايان، اهو الله پاڪ جي راھ ۾ وڙهڻ آهي۔ ان کان پوءِ اسان اڳتي وڌياسين ته ارشاد فرمايائون: جيڪڏهن توهان چاهيو ته مان توهان کي ان شيء جي باري ۾ ٻڌايان، جيڪا هن سڄي معاملي ۾ ماڻهن جي حاڪم آهي؟ اهو فرمائي سرڪارِ دوجهان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم خاموش ٿي ويا ۽ مان پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڏانهن پورو پورو متوجھ رهيس۔ پوءِ مون هڪ سوار کي سردارِ دوجھان، رحمت عالميان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڏانهن تيزي سان ايندي ڏٺو ته مون کي اُن خوف اچي ورتو ته اهو هتي اچي نبي ڪريم، رؤف و رحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ڌيان مون وٽان نه هٽائي ڇڏي ايتري ۾ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي زُبان ۽ مُنهن ڏانهن اشارو ڪيائون۔ مون عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اسان جيڪو ڪلام ڪيون ٿا ان باري ۾ به پڇيو ويندو؟ ارشاد فرمايائون: اي ابنِ جبل! توهان جي امڙ توهان تي روئي! جيڪو توهان چوندا آهيو اهو توهان جي حق ۾ هوندو آهي يا توهان جي خِلاف، ماڻهن کي منهن ڀر جهنم ۾ ڪيرائڻ واريون ان جي واتان نڪرندڙ ڳالهيون ئي ته آهن۔    (ترمذي، ڪتاب الايمان،باب ماجا ء في حرمة الصلاة،۴/ ۲۸۰،حديث: ۲۶۲۵،  ملخصاً)

بولوں نہ فضول اور رہیں نیچی نگاہیں                                    آنکھوں کا زباں کا دے خدا قُفلِ مدینہ

دوزخ کی کہاں تاب ہے کمزور بدن میں                                   ہر عضو کا عطاؔر لگا قُفلِ مدینہ

(وسائل بخشش  مرمم،ص ۹۵)