Khamosh Rehny ki Aadat Kese Banaein

Book Name:Khamosh Rehny ki Aadat Kese Banaein

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل حديثِ پاڪ مان اسان لاءِ ڪيئي خوشبودار مَدَني گل آهن، (1) صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جنّت کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ نهايت حريص هوندا هئا ۽ وقت بوقت نبي رحمت، مالڪِ جنّت، شفيعِ اُمّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان جنّت ۾ وٺي وڃڻ وارن عملن جي باري ۾ پڇندا به هئا۔ تنهنڪري اسان کي گھرجي ته جڏهن به الله وارن جي بارگاھ ۾ حاضري جو شرف ملي ته ادب سان انهن کان جنّت ۾ وٺي وڃڻ وارن ۽ دوزخ کان بچائڻ وارن عملن جي باري ۾ سُوال ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون، ته جيئن اسان کي شريعت جي مطابق زندگي گذارڻ جو سليقو اچي وڃي ۽ ائين ربِّ ڪريم اسان گناھگارن سان راضي ٿئي اسان کي به جنّت ۾ داخل ٿيڻ واري خوش نصيبن ۾ شامل فرمائي ڇڏي۔

میں رحمت ، مغفرت ،دوزخ سے آزادی کاسائل ہوں           مہِ رمضان کے صدقے میں فرمادے کرم مولیٰ

                                                                                     (وسائل ِبخشش مرمم،ص۹۸)  

(2) بيان ڪيل حديثِ پاڪ مان ٻيو مدني گل اهو مليو ته نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ بُرائي کان منع ڪرڻ مخلوق ۾ سڀ کان وڏي مُبَلِّغ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجي تمام ئي پياري سُنّت آهي ۽ اسان جي پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمهن عظيم فريضي کي  وڏي سهڻي نموني سان ادا ڪيو آهي، جيئن جڏهن صحابي رسول حضرتِ سَيدُنا مُعاذ بن جبل رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمکان جنّت ۾ داخل ڪرڻ واري عمل جي باري ۾ سُوال ڪيو ته ڪرم واري آقا، پياري مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن کي نيڪي جي دعوت ڏيندي مختلف نيڪ عمل ڪرڻ جي ترغيب ارشاد فرمائي، تنهنڪري اسان کي گھرجي ته اسان به عاشقانِ رسول کي نيڪي جي دعوت ڏيندي انهن کي جنّت ۾ وٺي وڃڻ وارن عملن، مثال طور انهن کي فرض ۽ نفل نمازون پڙھڻ ۽ روزا رکڻ، زڪوٰة ۽ فطرا ۽ صدقو ۽ خيرات ڏيڻ، ذِڪر ۽ دُرود ۽ تلاوتِ قرآن جي ڪثرت ڪرڻ، سُنّتن ڀري اجتماعن ۽ مَدَني مذاڪرن ۾ شرڪت ڪرڻ، مَدَني انعامات جو رسالو ڀرڻ،