Khamosh Rehny ki Aadat Kese Banaein

Book Name:Khamosh Rehny ki Aadat Kese Banaein

مَدَني قافلن ۾ سفر ڪرڻ، 12 مدني ڪم ڪرڻ، جامعة المدينه ۾ داخلا (Admission) وٺڻ، چوڪ درس ۽ مَدَني درس ڏيڻ ٻڌڻ، مختلف مدني ڪورسز ڪرڻ، اميرِ اَهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ سان بيعت ٿيڻ ۽ ٻين سٺن سٺن ڪمن جي ڀرپور ترغيب ڏياريون، هن سان اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هر پاسي سُنّتن جون مدني بهارون عام ٿي وينديون۔

ہر طرف ’’نیکی کی دعوت‘‘ عام ہو                                      نیک ہو اُمّت اے نانائے حُسین

سُنّتوں کی ہر طرف آئے بہار                                             نیک ہو اُمّت اے نانائے حُسین

                                                                                    (وسائلِ بخشش مرمم،ص۲۵۸)

(3) بيان ڪيل حديثِ پاڪ مان ٽيون مدني گل اهو مليو ته انسان جيڪڏهن گفتگو ڪرڻ جي معاملي ۾ احتياط سان ڪم نه وٺندو ته اها ئي گفتگو ان کي دوزخ ۾ وٺي وڃڻ جو سبب به بڻجي سگھي ٿي۔ پر افسوس! مسلمانن جي وڏي تعداد  هاڻي فضول گوئي جي آفت بلڪ گناهن ڀري ڳالهين کان بي پرواھ ٿي ڏينهن رات ان مُوذي مرض ۾ مبتلا نظر اچي رهي آهي۔

 ۽ عوام ۽ خواص تقريباً سڀئي هن بيماري ۾ مُبتَلا نظر اچي رهيا آهن۔ خاص ڪري موبائل فون، انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا (Social Media) جي غلط اِستعمال (Miss Use) جي ڪري فضول گفتگو ڪرڻ جي رُجحان ۾ تيزي سان واڌارو ٿيو آهي۔ بعض ماڻهو فضول ڳالهائڻ ۾ ايتري قدر بيباڪ هوندا آهن جو انهن کي ڪنهن جي عزّت، منصب، مقام ۽ مرتبي جي ٿوري به پرواھ ناهي هوندي، بس جيڪو وات ۾ آيو ڪڍي ڇڏيو، جيڪو دل ۾ آيو چئي ڇڏيو، ڪٿي ڪڏهن ڇا ڳالهائڻو آهي ڇا ناهي ڳالهائڻو، ان طرف انهن جو بالڪل به ڌيان ناهي هوندو، اهڙي طرح ڪجھ ماڻهن جي زبان ته قينچي جيان تيز هوندي آهي، بامقصد گفتگو ڪرڻ ته انهن جي شان جي خلاف هوندو آهي، اهڙا جهڳي خور ماڻهو ٻين جي ڳالھ ڪٽي پنهنجي راءِ ۽ مشوري کي تمام گھڻي اهميت ڏيندا آهن۔ ائين ئي ڪجھ ماڻهن کي فضول سُوال ڪرڻ جي اهڙي ته خراب عادت پيل هوندي آهي جو ان جي بغير انهن جي دل کي سڪون ئي ناهي