Khamosh Rehny ki Aadat Kese Banaein

Book Name:Khamosh Rehny ki Aadat Kese Banaein

ملندو۔ اچو! هن حوالي سان فضول سُوالن جا ڪجھ مثال ٻڌون ٿا:

فضول سُوال ۽ جملن جا ڪجھ مثال

 بِلا ضرورت اهو چوڻ ته ها ادا ڏيو خبر اڄڪلھ ڇا ٿي رهيو آهي؟ ڪهڙو ڪم ڪندا آهيو؟، پگھار ڪيتري آهي؟، ڊيوٽي جو وقت ڪهڙو آهي؟، پنهنجو ڪاروبار آهي يا ڪنهن وٽ ڪم ڪيو ٿا؟ ڪنهن جا پٽ آهيو؟، ڪهڙي ذات اٿوَ؟، ڪهڙي علائقي ۾ رهو ٿا؟ ذاتي گھر ۾ رهو ٿا يا ڪرائي جي گهر ۾؟، گھر ۾ ڪيترا ڪمرا اٿوَ؟، موبائل فون، ليپ ٽاپ، ڪار يا بائيڪ ڪيتري ۾، ڪٿان کان خريد ڪيا ۽ ڪمپني جو نالو ڇا آهي؟ ڪيترا ڀاءُ ڀيڻ آهيو؟، شادي شده آهيو يا ڪنوارا؟، ٻار ڪيترا اٿوَ؟، ڪيترا حج ۽ عمرا ڪيا اٿوَ؟، کائڻ ۾ ڪهڙو ٻوڙ پسند ڪندا آهيو؟، چپل، لباس، عمامو يا چادر ڪيتري ۾ ۽ ڪنهن دڪان تان خريد ڪئي؟، وڏي عيد تي ڪهڙو جانور آڻيندؤ؟ قرباني جو جانور ڪيتري جو ورتو؟ ڪهڙي منڊي مان ورتو؟ ڪيترا ڏند اٿس؟، اوهان وٽ بجلي ڪنهن وقت ويندي ۽ ايندي آهي؟ بجلي جي لوڊشيڊنگ گھڻي وڌي وئي آهي، يار! اڄ ته ڏاڍي گرمي آهي، ادا ڀلا اها گاڏي ڪيتري ۾ خريد ڪئي؟ اَلائي ٽريفڪ (Traffic) ڪيستائين جام رهندي! اڄڪلھ مهانگائي گھڻي آهي، اوهان جي علائقي ۾ پلاٽ جي قيمت ڇا هلي رهي آهي؟ وغيره۔

ياد رهي! هر هنڌ اهي ڳالهيون فضول گوئي ۾ شمار نه ٿينديون، انهن ۾ ڪي ڳالهيون وقت، ضرورت يا صحيح مقصد جي لاءِ سُوال ڪرڻ سان فضول نه ٿينديون، ها ان وَقت فضول شمار ٿينديون جڏهن ته انهن ڳالهين جو ڪو صحيح مقصد نه هجي۔ الله ڪريم تمام مسلمانن کي فضول گفتگو کان بچندي خاموشي اختيار ڪرڻ جي سعادت نصيب فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِينْ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

یارب نہ ضَرورت کے سِوا کچھ کبھی بولوں!                                       اللہ  زَباں  کا  ہو  عطا  قفلِ  مدینہ

بک بک کی یہ عادت نہ سرِ حشر پھنسا دے                                  اللہ زَباں  کا  ہو  عطا  قفلِ  مدینہ

ہر لَفظ کا کس طرح حساب آہ! میں دُوں گا                                اللہ زَباں  کا  ہو  عطا  قفلِ  مدینہ

                                                                     (وسائلِ بخشش مرمم ،ص۹۳)