Khamosh Rehny ki Aadat Kese Banaein

Book Name:Khamosh Rehny ki Aadat Kese Banaein

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

فضول ڳالهائڻ جا نقصان

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! فضول ڳالهائڻ هڪ اهڙو ڪم آهي جنهن ۾ ڪا ڀلائي ۽ فائدو ناهي بلڪ فضول ڳالهائڻ جون تباھ ڪاريون تمام ئي گھڻيون آهن، مثال طور فضول ڳالهائڻ شيطان کي پسند آهي۔ فضول ڳالهائڻ الله پاڪ ۽ رسولِ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ناپسند آهي۔ فضول ڳالهائڻ ڪراماً ڪاتبين يعني عمل لکندڙ ملائڪن جي تڪليف جو سبب آهي۔ فضول ڳالهائڻ مسلمانن جي دل آزاري جو سبب آهي۔ فضول ڳالهائڻ اڪثر شرمسار ئي ڪرائيندو آهي۔ فضول ڳالهائڻ گھڻيون غلطيون ڪرائيندو آهي۔ فضول ڳالهائڻ ترقين جون راهون بند ڪندو آهي۔ فضول ڳالهائڻ جاهلن جو ڪم آهي۔ فضول ڳالهائڻ غيبتن جا دروازا کولرائي ٿو۔ فضول ڳالهائڻ عيب کولڻ ڏانهن وٺي ويندو آهي۔ فضول ڳالهائڻ دِلين ۾ نفرت جو سبب بڻجندو آهي۔ فضول ڳالهائڻ وقت ضايع ڪرائيندو آهي۔ فضول ڳالهائڻ عزّت ۽ وقار ختم ڪرائيندو آهي۔ فضول ڳالهائڻ ڪرڻ وارن ڪمن کان پري ڪري، نه ڪرڻ وارن ڪمن ۾ لڳائي ڇڏيندو آهي۔ فضول ڳالهائڻ مخلص دوستن کان محروم ڪندو آهي۔ فضول ڳالهائڻ اڪيلو (Alone) ڪرائيندو آهي۔ فضول ڳالهائڻ رشتن ۾ ويڇا وجھندو آهي۔ فضول ڳالهائڻ مدني ماحول جي لاءِ انتهائي نقصان ده آهي، فضول ڳالهائڻ ڳالھ کي بي اثر ڪندو آهي۔ فضول ڳالهائڻ مدني ماحول سان وابسته عاشقانِ رسول کي مدني ماحول کان بَدظَن ڪرڻ جو سبب ٿيندو آهي، مطلب ته فضول ڳالهائڻ  ۾ بي شمار نُحُوستون  سمايل آهن ۽ مُعاشري ۾ بي انتها خرابين کي جنم ڏيندو آهي، تنهنڪري عافيت انهيء ۾ آهي ته اسان فضول ڳالهائڻ جي بدران خاموشي اختيار ڪريون، ڇوته خاموشي اختيار ڪرڻ جا ڪيئي فائدا آهن، مثال طور

خاموشي جا فائدا ۽ برڪتون