Khamosh Rehny ki Aadat Kese Banaein

Book Name:Khamosh Rehny ki Aadat Kese Banaein

خاموشي اختيار ڪرڻ رِضاءِ الٰهي ماڻڻ جو بهترين ذريعو آهي۔ خاموشي اختيار ڪرڻ بهترين عبادت آهي۔ خاموشي اختيار ڪرڻ سلامتي جي دليل آهي۔ خاموشي اختيار ڪرڻ نجات جو سبب آهي۔ خاموشي اختيار ڪرڻ ايمان جي حقيقت کي ماڻڻ جو زبردست نُسخو آهي۔ خاموشي اختيار ڪرڻ شيطان کي ناراض ڪندو آهي۔ خاموشي اختيار ڪرڻ قيمتي گھڙين کي محفوظ (Secure) رکڻ جو ذريعو آهي۔ خاموشي اختيار ڪرڻ فتنن جو دروازو بند ڪندو آهي۔ خاموشي اختيار ڪرڻ دنيا ۽ آخرت جي رُسوائي سان بچڻ جو ذريعو آهي۔ خاموشي اختيار ڪرڻ جنّت ۾ داخلا جو سبب آهي۔ خاموشي اختيار ڪرڻ بگڙيل ڪمن کي بڻائيندو آهي۔ خاموشي اختيار ڪرڻ عزّت وڌائڻ جو سبب آهي۔ خاموشي اختيار ڪرڻ گھر جي اندر ۽ گھر جي ٻاهر مَدَني ماحول بنائڻ جي لاءِ نهايت مفيد ۽ ضروري آهي۔ خاموشي اختيار ڪرڻ جي بَرَڪت سان عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته هئڻ واري عاشقانِ رسول جي تعداد ۾ اضافو ٿيندو آهي۔ خاموشي اختيار ڪرڻ محبتن کي فروغ ڏيندو آهي۔ خاموشي اختيار ڪرڻ جي فضائل رسولِ ڪريم، محبوبِ ربِّ عظيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي زبانِ مبارڪ سان بيان فرمايا آهن ۽ خاموشي اختيار ڪرڻ اولياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡهِمْ اَجْمَعِين جي مُبارڪ عادتن جو حصو رهيو آهي۔ اچو! ترغيب جي لاءِ 2 واقعا ٻڌون ٿا جو الله وارا خاموشي کي ڪيتري قدر پسند ڪندا هئا ۽ ان حوالي سان انهن جو ڪيتري قدر زبردست مدني ذهن ٺهيل هو، جيئن

هوا ۾ هلڻ وارو شخص

حضرتِ سيدُنا وَهب بن مُنَبِّه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: بني اسرائيل ۾ ٻه (2) بزرگ عبادت جي اهڙي رتبي تي فائز هئا جو پاڻي تي هلندا هئا۔ هڪ ڀيري اهي سمنڊ تي هلي رهيا هئا ته انهن هڪ بزرگ کي ڏٺو ته اهو هوا (Air) ۾اڏري رهيو آهي، اُن کان پڇيائون: اي الله پاڪ جا ٻانها! اوهان هن مقام تائين ڪيئن پهتؤ؟ ان فرمايو: ٿوري دنيا تي راضي رهي، مون پنهنجي نفس کي خواهشن ۽