Shuhada-e-Ohud ki Qurbaniyan

Book Name:Shuhada-e-Ohud ki Qurbaniyan

ٿيندو، تنهنڪري ڀلي ڪو ڪيترو ئي دل ڏکائي، سختي سان پيش اچي، مذاق اُڏائي ۽ ڌمڪيون ڏي تڏهن به مبلغ کي نرمي، ملنساري، صبر، شفقت، خاموشي ۽ حڪمتِ عملي سان ئي ڪم وٺڻ گھرجي، جيئن ته

      حضرتِ سَيدُنا امام محمد غزالي رَحْمَةُ اللّٰه عَلَيۡه نَقل فرمائن ٿا: ڪنهن بُزرگ پنهنجي پٽ کي نصيحت جو مَدَني گل عنايت ڪندي فرمايائون: نيڪي جي دعوت ڏيڻ واري کي گھرجي ته پنهنجو پاڻ کي صَبر جو عادي بڻائي ۽ الله ڪريم جي طرفان نيڪي جي دعوت جي ملڻ واري ثواب تي يقين رکي۔ جنهن کي ثواب جو ڪامِل يقين هجي ان کي هن مبارَڪ ڪم ۾ تڪليف محسوس ناهي ٿيندي۔(احياء العلوم،۲ /۴۱۰)

ٹُوٹے گو سر پہ کوہِ بَلا صَبْر کر                                            اے مبلغ نہ تُو ڈگمگا صَبْر کر

لب پہ حرفِ شکایت نہ لا صَبْر کر                                      ہاں یہی سُنّتِ شاہِ ابرار ہے

                                                                                             (وسائلِ بخشش مرمم،ص۴۷۳)

مختصروضاحت:اميرِاهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه تربيت ڪندي فرمائن ٿا: فرض ڪيو جيڪڏهن تو تي مصيبتن جا پهاڙ ٽٽي پون تڏهن به تو کي گھرجي ته تون صَبر سان ڪم وٺ۔ اي مُبَلّغ! مصيبتن کان نه گھبراءِ ۽ صَبر سان ڪم وٺ۔ جڏهن به ڪا مصيبت يا پريشاني اچي ته حرفِ شڪايت زبان تي آڻڻ بدران صَبر سان ڪم وٺجانء، ان ڪري جو مصيبتن تي صَبر ڪرڻ ته مڪي مدني سلطان، سرورِ ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پياري پياري سُنّت آهي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                             صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمّد

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! قرآنِ ڪريم جي تعليم حاصل ڪرڻ ۽ ان کي ٻين کي سيکارڻ يقيناً تمام وڏي نيڪي جو ڪم آهي۔جيئن حضور نبي رحمت، شفيعِ اُمّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ دلنشين آهي:خَيرُکمْ مَنْ تَعَلَّمَ الْقُراٰنَ و َعَلَّمَه يعني توهان ۾ بهترين شخص اهو آهي جنهن قرآن سکيو ۽ ٻين کي