Shuhada-e-Ohud ki Qurbaniyan

Book Name:Shuhada-e-Ohud ki Qurbaniyan

اسلام جي دعوت به ڏيندا هئا، ايستائين جو انصار جا اڪثر گھر ۽ سردار ۽ معزز ماڻهن اسلام قبول ڪري ورتو۔ پوءِ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه واپَس بارگاھ رِسَالَت ۾ موٽي آيا۔ (حلية الاولياء،مصعب بن عمير الداري،۱/۱۵۲،رقم:۳۳۹) ۽ قاري جي نالي سان مشهور ٿي ويا۔( معجم ڪبير،۲۰/۳۶۴،حديث:۸۴۹)

یہی ہے آرزو تعلیمِ قرآں عام ہوجائے                           تلاوت کرنا صبح و شام میرا کام ہو جائے        

 اي عاشقانِ صحابه ۽ اهلِ بيت! سُبْحٰنَ الله! ٻُڌو اوهان! شهيدِ اُحد حضرتِ سَيدُنا مُصۡعَبۡ بن عُمَير ڪيتري قدر خوش نصيب صحابي هئا جو جن کي سرڪارِ نامدار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ماڻهن کي قرآنِ ڪريم سيکارڻ جي لاءِ چونڊيو، توڙي جو سفر وڏو هو پر جيئن ته حُڪمِ رسول هو، تنهنڪري پاڻ فرمانِ رسول تي لبيڪ چوندي پنهنجي سمورين مصروفيتن کي ڇڏي ماڻهن کي فيضانِ قرآن سان فيض ياب ڪيائون ايستائين جو پنهنجي زماني ۾ قاري مشهور ٿي ويا۔حضرتِ سَيدُنا مُصۡعَبۡ بن عُمَير جي ڪردار کي سامهون رکندي اسان مان هر هڪ کي سوچڻ گهرجي ته منهنجي اندر دِين جي خاطر قرباني ڏيڻ جو جذبو ڪيتري قدر بيدار آهي؟ غور ڪريو! اهي حضرات ته تمام گھٽ وسائل ۽ مشڪل حالتن ۾ سفري سهولتن ۽ ٻيون ضرورتون مُيسّر نه هئڻ باوجود به انتهائي ذوق ۽ شوق سان مسلمانن کي پري پري جي علائقن ۾ قرآنِ ڪريم سيکارڻ جي لاءِ تشريف کڻي ويندا هئا، پر افسوس! اڄ جي مسلمانن ۾ هاڻي اهڙي طرح جو جوش ۽ جذبو گھٽ ٿيندي نظر اچي رهيو آهي۔ افسوس! صديون گذرڻ جي باوجود مسلمانن جي هڪ وڏي تعداد آهي جنهن کي ڏسي به قرآنِ ڪريم پڙھڻ نٿو اچي ، جن کي اچي ٿو ته اَڪثَرِيت جا قواعد ۽ مخارج درست ناهن، اسان جي پنهنجي گھر، گهٽيءَ، پاڙي ۽ علائقي ۾ به ڪيترا اهڙا مسلمان هوندا جن کي ٻيو ڪجھ ته گھڻو ايندو هوندو پر قرآنِ ڪريم پڙھڻ نه ايندو هوندو۔ پر هاءِ! اسان کي ان تي ڪو افسوس به ته ناهي ٿيندو، اسان جي اک مان لڙڪ نٿا نڪرن، اسان جي دل ناهي تڙپندي، ڪا شرمندگي ناهي ٿيندي، انهن کي قرآنِ ڪريم پڙھائڻ ۽ انهن جي اِصلاح ڪرڻ جو جذبو بيدار ناهي ٿيندو، اسان پنهنجو پاڻ کي