Shuhada-e-Ohud ki Qurbaniyan

Book Name:Shuhada-e-Ohud ki Qurbaniyan

ڪرم آهي ڇوته ٻانهو ان جو پيدا ڪيل ۽ ٻانهي جو مال ان جو ئي عطا ڪيل، حقيقي مالڪ اهو آهي، جڏهن ته ٻانهو ان جي عطا سان مجازي مِلڪيت رکي ٿو پر قرض (Loan) قرار ڏيڻ ۾ اها ڳالھ دل ۾ ويهارڻ مقصود آهي ته جهڙي طرح قرض ڏيڻ وارو اطمينان رکي ٿو ته ان جو مال ضائع نه ٿيندو ۽ هو ان جي واپسي جو حق دار آهي، ائين ئي راھ خدا ۾ خرچ ڪرڻ واري کي اطمينان رکڻ گھرجي ته هو ان خرچ ڪرڻ جو بدلو يقيناً ماڻيندو ۽ اهو به معمولي نه بلڪ ڪيئي ڀيرا وڌيڪ ملندو۔ ست سو (700) ڀيرا وڌيڪ به ٿي سگھي ٿو ۽ ان کان لکين ڀيرا وڌيڪ به. (صراط الجنان،۱/۳۶۵)

حرصِ دُنیا نکال دے دل سے                               بس رہوں طالب رِضا یاربّ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                             صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمّد

     اي عاشقانِ صحابه ۽ اَهلِ بيت! ٻُڌو اوهان! شهيدِ اُحد حضرتِ سَيدُنا ابو دَحدَاح انصاري رَضِىَ اللهُ عَنْه راھ خدا ۾ خرچ جي معاملي ۾ ڪيتري قدر زبردست مَدَني ذهن جا مالڪ هئا، ٿورو سوچيو! ڪنهن وٽ هڪ اهڙو خوبصورت باغ موجود هجي، جنهن ۾ عُمده قسم جي کجورن جا 600 وڻ لڳل هجن، ته ڪنهن جي دل چاهيندي ته ان باغ کي پنهنجي ملڪيت مان خارج ڪري ڪنهن کي تحفي ۾ ڏئي ڇڏيان يا سڄو باغ ئي راھ خدا ۾ پيش ڪري ڇڏيان، پر قربان وڃجي! شهيدِ اُحد حضرتِ سَيدُنا ابو دَحدَاح انصاري رَضِىَ اللهُ عَنْه تي! جڏهن پاڻ ٻڌو ته ربِّ ڪائنات کي اها ڳالھ پسند آهي ته ان جا ٻانها ان جي راھ ۾ خرچ ڪن ته پاڻ دل کولي راھ خدا ۾ خرچ ڪيائون، جڏهن ته اسان جو معاملو ان جي اُبتڙ آهي۔ افسوس! اسان جي سوچ اها بڻجي چڪي آهي ته جيڪڏهن مون راھ خدا ۾ خرچ ڪيو ته منهنجو گذارو ڪيئن ٿيندو؟ ڪٿان کائيندس؟ منهنجي گھرواري ٻار بکايل رهجي ويندا، ڪاروبار (Business) ڪيئن هلندو؟ منهنجو مال گھٽ ٿي ويندو، مون کي ته ذاتي گھر به ٺاهرائڻو آهي، مون کي ته ٻارن ٻارڙين جون شاديون به ڪرائڻيون آهن، مون کي ته فُلاڻي فُلاڻي شيء جي لاءِ رقم به گڏ ڪرڻي آهي، منهنجون ته ڪيتريون ئي مجبوريون به آهن وغيره وغيره۔ اسان جو ته هن ڳالھ ته پورو پورو ڀروسو هئڻ گھرجي ته راھ خدا ۾