Shuhada-e-Ohud ki Qurbaniyan

Book Name:Shuhada-e-Ohud ki Qurbaniyan

ماجه،۱/۱۴۶،حديث:۲۲۴)٭ هن حديثِ پاڪ مان اسڪول ڪالج جي مُرَوَّجه دُنيوي تعليم مراد ناهي بلڪه ضَروري دِيني عِلم مُراد آهي۔ (نيڪي جي دعوت، ص۱۳۶) ٭ پنج (5) طرح جا علم حاصل ڪرڻ هر عاقل، بالغ مسلمان تي فرض آهن: (1) اسلامي عقيدن (2) ضرورت جي مسئلن (3) حلال و حرام جي مسئلن (ظاهري گناھ جي معلومات هن ۾ شامل آهي) (4) هلاڪ ڪرڻ وارن عملن جي ضروري معلومات ۽ ان کان بچڻ جا طريقا ۽ (5) نجات ڏيارڻ وارن عملن جي ضروري معلومات ۽ انهن کي حاصل ڪرڻ جا طريقا۔ ٭ عِلم حاصل ڪرڻ جي لاءِ سفر ڪرڻ بُزرگانِ دين جي سُنّت آهي۔(40 فرامينِ مصطفي، ص۲۳)٭ عِلم حاصل ڪرڻ جي لاءِ سُوال ڪرڻ يقيناً فضيلت جو سبب آهي پر سُوال ڪرڻ جي آداب جو لحاظ ڪرڻ به ضروري آهي۔(فيضان داتا علي هجويري،ص۱۳)٭ عِلم خزانو آهي ۽ سُوال ڪرڻ ان جي چاٻي آهي۔ (فردوس الاخبار، ۲/۸۰،حديث:۴۰۱۱) ٭ عِلْم سکڻ جي لاءِ سوال پڇا ڪرڻ کان شرمائڻ نه گھرجي۔ (اعرابي کے سوالات اور عربي آقا کے جوابات، ص۸) ٭خوشامد ڪرڻ مؤمن جي اخلاق مان نه آهي پر عِلْم حاصل ڪرڻ جي لاءِ خوشامدي ڪري سگھي ٿو۔ (شعب الايمان ،باب في حفظ اللسان،۴/۲۲۴،حديث: ۴۸۶۳) ٭ اهڙا سُوال ڪرڻ کان به بچيو وڃي جنهن جو دنياوي يا اُخروي فائدو نه هجي۔ (اعرابي کے سوالات اور عربي آقا کے جوابات،ص۹)٭عِلْم حاصل ڪرڻ کان پوءِ ان کي بيان نه ڪرڻ واري جو مثال ان شخص جيان آهي جيڪو خزانو گڏ ڪري ٿو پوءِ ان مان ڪجھ به خرچ نٿو ڪري۔ (معجم اوسط،۱/۲۰۴،حديث ۶۸۹) ٭ جڏهن ڪنهن عالِمِ دين کان ڪوئي سوال ڪرڻو هجي ته ادب طور ان کان سوال پڇڻ جي اجازت طلب ڪئي وڃي۔ (اعرابي کے سوالات اور عربي آقا کے جوابات، ص۶)

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب“سنتیں۽آداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.