Shuhada-e-Ohud ki Qurbaniyan

Book Name:Shuhada-e-Ohud ki Qurbaniyan

سبب عظيمُ الشَّان ثواب کان محرومي جو سبب آهي۔ اسان کي گھرجي ته آزمائشن، پريشانين، آفتن، غمن تي صبر ڪري صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جي مصيبتن ۽ پريشانين کي ياد ڪريون ۽ صبر جي نتيجي ۾ ملڻ وارين خوش خبرين کي سامهون رکون۔ صبر ڪرڻ وارن جي باري ۾ سيپاري 4 سورة اٰل عمران جي آيت نمبر 146 ۾ ارشاد آهي:

وَ اللّٰهُ یُحِبُّ الصّٰبِرِیْنَ(۱۴۶)                تَرۡجَمو ڪنز الايمان: ۽ صبر وارا اللہ کي پيارا آهن.

      اهڙي طرح سيپاري 10سُوْرَة الْاَنْفال جي آيت نمبر 46 ۾ ارشاد آهي:

            وَ اصْبِرُوْاؕ-اِنَّ اللّٰهَ مَعَ الصّٰبِرِیْنَۚ(۴۶) ۱۰،انفال : ۴۶)                                                            

    تَرۡجَمو ڪنز الايمان: ۽ صبر ڪيو بيشڪ الله صبر ڪرڻ وارن سان گڏ آهي

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل هنن آيت سڳورين مان پئي ته صبر ڪرڻ وارا ربِّ ڪريم جا محبوب ۽ پسنديده بڻجي ويندا آهن، صبر ڪرڻ وارن جي ربِّ ڪريم مدد فرمائيندو آهي، تنهنڪري ڪڏهن به صبر جو دامن هٿان نه ڇڏڻ گھرجي، صبر جي معنٰي آهي نفس کي ان شيء کان باز رکڻ، جنهن سان رڪڻ جو عقل ۽ شريعت تقاضا ڪري رهي هجي۔ (المفردات للراغب، باب الصاد، ص۲۷۳)

      اهي شيون جن کان عقل رُڪڻ جو تقاضو ڪري، جيئن اوچتو بجلي هلي وڃي ته شور ڪرڻ کان بچڻ، بيماري اچي ته شڪوو شڪايت کان بچڻ، گاڏي خراب يا پنڪچر ٿي پوي ته غم ۽ غُصّي کان بچڻ وغيره۔

    اهي شيون جن کان شريعت رُڪڻ جو تقاضو ڪري، جيئن ڪنهن جي دل ڏُکائڻ تي انتقامي ڪاروائي کان بچڻ، ڪا شيء چوري ٿي وڃي ته ٻين تي اِلزام لڳائڻ کان بچڻ، کاڌي ۾ لوڻ مرچ گھٽ يا وڌيڪ پئجي وڃي ته صبر ڪرڻ وغيره۔

احاديثِ ڪريمه ۾ به صبر ڪري اجر ۽ ثواب ڪمائڻ جي ڀرپور ترغيب موجود آهي، اچو! ترغيب جي لاءِ 3 حديث سڳوريون ٻڌو ۽ آزمائشن تي صبر ڪري آخرت جي ثواب جا حق دار بڻجو، جيئن