Shuhada-e-Ohud ki Qurbaniyan

Book Name:Shuhada-e-Ohud ki Qurbaniyan

حضرتِ سَيدُنا سعد بن ابي وقاص رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا، مون عرض ڪيو: يا رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! سڀ کان وڌيڪ مصيبتون ڪهڙن ماڻهن تي آيون؟ فرمايائون: نبي سڳورن (عَلَيهمُ الصَّلٰوة وَالسَّلَام) انهن کان پوءِ جيڪي بهتر آهن، پوءِ انهن کان پوءِ جيڪي بهتر آهن، ٻانهي کي پنهنجي دينداري جي اعتبار سان مصيبت ۾ مبتلا ڪيو ويندو آهي، جيڪڏهن اهو دِين ۾ سخت هوندو آهي ته ان جي آزمائش به سخت هوندي آهي ۽ جيڪڏهن اهو پنهنجي دِين ۾ ڪمزور هوندو آهي ته الله پاڪ ان جي دِينداري جي مطابق ان کي آزمائيندو آهي۔ ٻانهو مصيبت ۾ مبتلا ٿيندو رهندو آهي ايستائين جو هن دنيا ئي ۾ ان جا سمورا گناھ بخشيا ويندا آهن۔(ابن ماجه،ڪتاب الفتن،باب الصبر علي البلاء،۴ /۳۶۹، حديث: ۲۳ ۴۰)

نبين جي سُلطان، رحمتِ عالميان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايائون: مؤمن ۽ مؤمنه کي پنهنجي جان، اولاد ۽ مال جي ذريعي آزمايو ويندو رهندو، ايستائين جو اهي الله پاڪ کان هن حال ۾ ملندا جو انهن جي ذمي ڪو گناھ نه هوندو۔(ترمذي، ڪتاب الزھد ،باب ماجا ء في الصبر علي البلاء۴/۱۷۹،حديث:۲۴۰۷)

سرڪارِ نامدار، مديني جي تاجدارصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: جنهن مسلمان کي ڪا بيماري، ٿڪاوٽ يا غم پهچندو آهي، اهو ان جي گناھ جو ڪفارو ٿي ويندو آهي۔(الترغيب و التر ھيب،ڪتاب الجنائز،باب التر غيب في الصبر...الخ ،۴/۱۴۴،حديث:۲۹)

الله ڪريم اسان کي دُنيا ۽ آخرت ۾ عافيت نصيب فرمائي، آزمائشن تي صبر ڪرڻ جو حوصلو، اسلام تي استقامت ۽ عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان مرڻ گھڙي تائين مضبوطي سان وابسته رهڻ جي توفيق نصيب فرمائي۔آمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِينْ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه اسان کي آٿت ڏيندي ۽ حوصلو ڏيندي فرمائن ٿا:

تُو کمر بستہ رہا کر خدمتِ اسلام پر                                                          راہ ِ مولیٰ میں جو آفت آئے اس پر صبر کر

                                                                            (وسائل بخشش مرمم،ص۶۹۹)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                   صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمّد