Aala Hazrat Ka Ilm-o-Amal

Book Name:Aala Hazrat Ka Ilm-o-Amal

٭ ان ترجمي مان قرآني حقيقتون، عِلم ۽ مَعارِف جا اهي لڪيل راز ظاهر ٿين ٿا جيڪي عام طور تي ٻين ترجمن سان واضح نٿا ٿين۔

 ٭ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي ترجمي جي هڪ نُمايان  خصُوصيت هي به آهي ته پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه هر مُبارڪ مقام تي انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام جي ادب ۽ اِحترام، عزّت ۽ پاڪدامني جو خاص طور لحاظ رکيو آهي۔ (فيضانِ اعليٰ حضرت،ص ۴۷۶)

٭ تَرجَمو ڪنزُ الايمان علم ۽ حڪمت جو خزانو ۽ ايمان جي حقيقي دولت آهي۔

٭ تَرجَمو ڪنزُ الايمان ۾ احاديثِ مُبارڪه، تابعين ۽ تبع تابعين جا اقوال ۽ سلف صالحين رَضِي اللّٰه عَنْهم اَجْمَعِين جي اعتماد لائق تفسيرن جو خُلاصو به مَوجُود آهي ۔

٭ ترجمو ڪنزُ الايمان دُنيا جو بهترين قرآن جو ترجمو آهي، جيڪو ڪنهن لائبريري ۾ ويهي يا ڪنهن ٻئي ترجمي کي ڏسي ڪري يا تفسِيرن ۽ حديثن يا لُغتن جي ڪتابن کي پڙھي ڪري ناهي ڪيو ويو بلڪ زباني لکرايو ويو آهي ۔                  (ماهنامه معارفِ رضا،ص87،ڪراچي ستمبرتا نومبر2008عيسوي)

خدمت قرآنِ پاک کی وہ لاجواب کی                            راضی رضا سے صاحبِ قرآں ہے آج بھی

احمد رضا کا تازہ گُلستاں ہے آج بھی                                                خورشیدِ عِلْم ان کا درخشاں ہے آج بھی

(مناقبِ رضا،ص۶۷)

مختصر وضاحت:۔۔۔اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه  قرآن مجيد جي اهڙي خدمت ڪئي آهي جو صاحب قرآن، محبوب رحمٰن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمبه سندس کان راضي آهن ۽ پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه  جي علم جو سج اڄ به روشن آهي.