Aala Hazrat Ka Ilm-o-Amal

Book Name:Aala Hazrat Ka Ilm-o-Amal

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمّد

 اي عاشقانِ رسول! يقيناً قرآنِ ڪريم هڪ مڪمل زندگي جو ضابطو ۽ سلامتي ۽ اَمن سان زندگي گذارڻ وارن دُنيا جي تمام ئي مسلمانن جي لاءِ راھِ هدايت جو حقيقي چراغ آهي، جنهن جي مَفهوم ۽ مَطلب کي سمجھڻ جي لاءِ ان جو آسان ترجمو ٿيڻ ضروري آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه قرآنِ ڪريم جي رائج تمام اُردو ترجمن ۾ سڀ کان بهترين اُردو ترجمو ” ترجمهءِ قرآن ڪنزالايمان “ جنهن جو سنڌي ترجمو به آهي۔ تنهنڪري اسان کي گھرجي ته اسان پنهنجي مصروف زِندگي مان ڪجھ وقت ڪڍي قرآنِ پاڪ جي تِلاوت ڪرڻ جو معمول بڻايون، جيئن اميراهلسُنَّت، ابوبلال محمد اِلياس عطار قادِري رضوي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه ترجمو ۽ تفسير سان روزانو تلاوتِ قرآن جي لاءِ، اسلامي ڀائرن جي مدني انعام نمبر 21 ۾ فرمائن ٿا: ”ڇا اڄ توهان ڪنزُالايمان مان گھٽ ۾ گھٽ ٽي آيتون (ترجمو ۽ تفسيرسان گڏ) تلاوت ڪرڻ يا ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي؟“

جيڪڏهن اسان هن مدني انعام تي روزانو عمل ڪيون ته قرآنِ ڪريم جي تلاوت جي برڪت سان اسان جي گھرن ۾ خير ۽ برڪت جو نُزول ٿيندو رهندو، ترجمو ۽ تفسير سان گڏ پڙھڻ جي برڪت سان علمِ دين ۾ اِضافو ٿيندو، قرآنِ ڪريم کي سمجھڻ ۾ آساني ٿيندي، معلومات جو خزانو حاصل ٿيندو۔ مڪتبة المدينه تان شايع ٿيڻ واري 10جلدن تي مشتمل عظيم الشّان تفسير بنام "صِراطُ الجنان" جو به مطالعو ڪيو، هن تفسير ۾ به تمام سٺي انداز سان معلومات جو خزانو اُمّتِ مُسلمه تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي