Aala Hazrat Ka Ilm-o-Amal

Book Name:Aala Hazrat Ka Ilm-o-Amal

اجازت ۽ خلافت حاصل ٿي۔٭ اعليٰ حضرترَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه تقريباً 22 سالن جي عمر ۾ پهريون اردو ڪتاب لکيو۔ ٭ اعليٰ حضرترَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي تقريباً 23 سالن جي عمر ۾ پهريون ڀيرو زيارتِ حرمين شريفين جو شرف حاصل ٿيو۔٭ اعليٰ حضرترَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي تقريبا 23 سالن جي عمر ۾ مڪي پاڪ جي عالم سڳورن حديث جي اجازت ڏني۔٭ اعليٰ حضرترَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه تقريباً 27 سالن جي عمر ۾ پهريون فارسي ڪتاب لکيو۔ ٭ اعليٰ حضرترَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه تقريباً 31 سالن جي عمر ۾ 68 شعرن تي مشتمل مشهور ۽ معروف قصيده معراجيه تحرير فرمايو۔٭ اعليٰ حضرترَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه تقريباً 45 سالن جي عمر ۾ ڪتابفتاويٰ الْحَرَمَين لکيو۔ ٭ اعليٰ حضرترَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه تقريباً 50 سالن جي عمر ۾ دارالعلوم منظرِاسلام جو بنياد رکيو۔ ٭ اعلي حضرترَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي تقريباً 51 سالن جي عمر ۾ ٻيهر زيارتِ حرمين شريفين جي سعادت حاصل ٿي ۽ انهيء سال مڪي شريف ۾ ئي صرف 8 ڪلاڪن ۾ علمِ غيب مُصطَفٰي تي مُشتَمِل عَرَبي رسالو لکيائون۔

٭اعليٰ حضرترَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه تقريباً  52 سالن جي عمر ۾ مڪي ۽ مديني شريف جي عالم سڳورن کي سندِ اجازت ۽ خلافت عطا فرمائي ۽ انهيء سال مڪي شريف ۾ ڪرنسي نوٽ بابت ڪتاب لکيو۔

٭اعليٰ حضرترَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه تقريباً 52 سالن جي عمر ۾ قصيدهٔ حضور جانِ نور (شکرِ خدا کہ آج گھڑی اس سفر کی ہے ) لکيائون۔ ٭ اعليٰ حضرترَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه تقريباً 52 سالن جي عمر ۾ بيداري ۾ ديدارِ مُصطَفٰي جو شرف حاصل ڪيو ۽ انهيء سال ڪتاب حَسّامُ الحَرَمَين تحرير فرمايو۔٭ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه تقريباً 52 سالن جي عمر ۾ بابُ المدينه ڪراچي کي پنهنجي آمد جو شرف بخشيائون۔ ٭ اعليٰ حضرترَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه تقريباً 58 سالن جي عمر ۾ ترجمو قرآن ڪنزالايمان لکرائڻ شروع ڪيائون۔ ٭ اعليٰ حضرترَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه تقريباً 64 سالن جي عمر ۾ جماعت