Aala Hazrat Ka Ilm-o-Amal

Book Name:Aala Hazrat Ka Ilm-o-Amal

رضاءِ مصطفيٰ جو بنياد رکيائون۔ ٭ اعليٰ حضرترَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه تقريباً 66 سالن جي عمر ۾ زمين جي حرڪت ۽ فلسفين (Philosophers) جي غلط نظرين جي رد ۾ تحقيقي رسالو تحرير فرمايو۔ ٭اعليٰ حضرترَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه تقريباً 67 سالن جي عمر ۾ ٻن قومي نظرين تي جامع ڪلام فرمايائون۔ ٭ اعليٰ حضرترَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه تقريباً 68 سالن جي عمر ۾ آخري وصيتون لکرايون۔ علم ۽ فن جو اهو عظيم آفتاب 25 صفرالمظفر 1340ھ28 آڪٽوبر1921ء جو جمعة المبارڪ جي ڏينهن ٺيڪ اذانِ جمعه جي وَقت تقريبا 68 سالن جي عمر ۾ لهي ويو۔ الله ڪريم جي انهن  تي ڪروڙين رحمتون هجن۔  

(ماخوذازحياتِ اعليٰ حضرت ،جهانِ رضا، سوانحِ امام احمدرضا، تجلياتِ امام احمد رضا ،تذڪره امام احمد رضا)

مولا بہرِ ’’حدائقِ بخشش‘‘                                          بخش عطّارؔ کو بِلا پُرسِش

خُلْد میں کہتا کہتا جائے گا                                             واہ کیا بات اعلیٰ حضرت کی

(وسائل بخشش مرمم،ص۵۷۶-۵۷۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                             صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اوهان ٻڌو ته اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه عِلمِ دِين جا بي شُمار اهڙا قيمتي موتي عطا فرمايا جو جن سان اڄ به اُمّتِ مُسلِمَه هدايت ۽ رهنمائي حاصل ڪري رهي آهي۔ سندس جون دِيني خدمتون اهڙيون هيون جو پاڻ درس ۽ تدريس جي ذريعي عِلم جي اڃايلن کي سيراب ڪيو۔ سندن فيضان سان مالا مال ڪيئي عالم سڳورا تيار ٿيا۔ سندن جي فيضان سان فيضياب ٿيڻ جي لاءِعاشِقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته رهو ۽ 12 مَدَني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصّو وٺو۔

      ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”هفتيوار مدني مذاڪره“ به آهي۔