Aala Hazrat Ka Ilm-o-Amal

Book Name:Aala Hazrat Ka Ilm-o-Amal

رهائشي اسلامي ڀاءُ هونئن ته ننڍپڻ کان ئي دامَنِ عطّار سان وَابَسته هو پر شيطان مردُود دُنيا جي پُر فَريب نظارن ۾ بُري طرح اُلجھائي رکيو هو۔ زندگي جا قيمتي مهينا ۽ سال غَفلَت ۾ گذري رهيا هئا جو خوش قسمتي سان هڪ ڀيري ڪنهن مُبَلِّغِ دَعوَتِ اِسلَامي سان مُلاقات ٿي، جنهن ان کان پڇيو: ڇا اوهان اَمِيرِ اَهلِسُنّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه  جا بيان ٻُڌندا آهيو؟ جواب ڏنائون: نه ۔ ان تي اهو چوڻ لڳو ته اَمِيرِ اَهلِسُنّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه  فرمائن ٿا: جيڪو روزانو هڪ بيان ٻڌندو آهي مان ان سان خوش ٿيندو آهيان۔ هنن لفظن ان جي دل ۾ لڪيل پنهنجي مرشدِ ڪريم سان مَـحَبَّت کي بيدار ڪري ڇڏيو۔ پوءِ ان مَڪتَبَةُ المَدِينَه تان جاري ڪيل 50 مَدَني مذاڪرن تي مُشْتَمِل وي سي ڊي (VCD) خريد ڪئي ۽ روزانو هڪ مَدَني مُذاڪرو ٻڌڻ جي سَعَادَت ماڻڻ لڳو۔ اَمِيرِ اَهلِسُنّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه  جي پُرتاثير گفتگو جي بَرَڪت سان ڏينهو ڏينهن گناهن سان نَفرَت ۽ نيڪين سان مَحَبَّت وڌڻ لڳي، اڃان ڪجھ ئي مَدَني مُذاڪرا ٻڌا هئائين جو ان جي حُليي، ڪردار ۽ اَندازِ زِندَگي ۾ تبديلي اچڻ لڳي۔ ان کي نه صرف سُنّتن تي عَمَل جو جذبو مليو بلڪ اَلْحَمْدُلِلّٰه اهو مَدَني ڪمن ۾ به دلچسپي وٺڻ لڳو۔ مطلب ته مَدَني مذاڪرن جي ذريعي ان جي اهڙي مَدَني تَربِيت ٿي جيڪا 26 سالن جي زندگي ۾ ڪڏهن به نه ٿي۔

اے بیمارِ عِصیاں تُو آجا یہاں پر                             گُناہوں کی دیگا دَوا مَدَنی ماحول

گنہگارو آؤ، سِیَہ کارو آؤ                                                  گُناہوں کو دیگا چُھڑا مَدَنی ماحول

پِلا کر مَئے عشق دیگا بَنا یہ                                               تمہیں عاشِقِ مُصْطَفٰے مَدَنی ماحول

(وسائلِ بخشش مرمم،ص۶۴۸)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمّد