Aala Hazrat Ka Ilm-o-Amal

Book Name:Aala Hazrat Ka Ilm-o-Amal

صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايائون: منافقن تي سڀ کان وڌيڪ ڳري عشاء ۽ فجر جي نماز آهي ۽ انهن کي خبر هجي ها ته هن ۾ ڇا آهي؟ ته گھلجندا اچن ها ۽ بيشڪ مون ارادو ڪيو ته نماز قائم ڪرڻ جو حڪم ڏيان پوءِ ڪنهن کي حڪم ڪيان ته ماڻهن کي نماز پڙھائي ۽ مان پاڻ سان گڏ ڪجھ ماڻهن کي ساڻ ڪيان جن وٽ ڪاٺين جي ڀري هجي، انهن وٽ وٺي وڃان جيڪي نماز ۾ حاضر نٿا ٿين، ۽ انهن جا گھر اُنهن تي باھ سان ساڙي ڇڏيان۔           (مسلم، ڪتاب المساجد ومواضع الصلاۃ،باب فضل صلاۃ الجماعۃ۔۔۔الخ،ص۲۵۶،حديث:۱۴۸۲)

جيڪڏهن اسان مان ڪنهن کي ائين چيو وڃي ته اوهان پنهنجو مال هتي وڪڻندو ته 10 ڀيرا وڌيڪ فائدو ٿيندو جڏهن ته ٻئي شهر ۾ هن تي 27 ڀيرا وڌيڪ فائدو ٿيندو ته يقيناً اسان مان هر هڪ جي اها ئي ڪوشش هوندي ته ان کي ٻي شهر کڻي ئي وڪڻيو وڃي۔ ٿورو سوچيو! دنياوي ۽ عارضي فائدي جي خاطر پري جو سفر ڪرڻ جي لاءِ به اسان جو ذهن بڻجي ويندو آهي، پر هاءِ! ڪجھ قَدَم هلي ڪري مسجد ۾ اچي باجماعت نماز اَدا ڪري 27 ڀيرا وڌيڪ ثواب ڪمائڻ جو ذهن ناهي بڻجندو۔ جي ها!جماعت سان نماز پڙھڻ اڪيلي نماز پڙھڻ کان 27 درجا وڌيڪ افضل آهي، جيئن

نور جي پيڪر، تمام نبين جي سَروَر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ارشادفرمايائون: صَلَاۃُ الْجَمَاعَۃِ تَفْضُلُ صَلَاۃَ الْفَذِّ بِسَبْعٍ وَعِشْرِينَ دَرَجَۃً يعني باجماعت نماز ادا ڪرڻ، تنها اڪيلا نماز پڙھڻ کان ستاويھ (27) درجا وڌيڪ فضيلت رکي ٿي۔

                                                             (بخاري، ڪتاب الاذان، باب فضل صلاۃ الجماعۃ ،۱/۲۳۲، حديث:۶۴۵)

اچو! بارگاھ الٰهي ۾ دعا ڪريون ٿا:

میں پانچوں نمازیں پڑھوں باجماعت                     ہو توفیق ایسی عطا یاالٰہی

                                                               (وسائل بخشش مرمم،ص۱۰۲)