Book Name:Aala Hazrat Ka Ilm-o-Amal
بزرگن فرمايو آهي ته جيڪو شخص هر جمعرات (جمعي ۽ خميس جي وچين رات) هن دُرُود شريف کي پابندي سان گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرا پڙهندو موت جي وقت سرڪار مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت ڪندو ۽ قبر ۾ داخل ٿيندي وقت اهو به ڏسندو ته سرڪار مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي پنهنجي هٿن سان قبر ۾ داخل ڪري رهيا آهن، ([1])
اَللّٰہُمَّ صَلِّ عَلٰي سَيدِ نَا وَمَولَانَا مُحَمَّدٍ وَّعَلٰي اٰلِہٖ وَسَلِّم
حضرتِ سيدُنا انس رَضِياللّٰہُ تَعَالٰي عَنہُ کان روايت آهي ته تاجدارِمدينہصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو :جيڪو شَخص اهو دُرُود شريف پڙهي جيڪڏهن بيٺل هو ته ويهڻ کان پهريان ۽ ويٺل هو ته بيهڻ کان پهريان، ان جا گناھ معاف ڪيا ويندا.([2])
صَلَّي اللّٰہُ عَلٰي مُحَمَّد
جيڪو اهو دُرُود شريف پڙهندو آهي ان تي رحمت جا ستر دروازا کوليا ويندا آهن.([3])
اَللّٰھُمَّ صَلِّ عَلٰي سَيدِنَامُحَمَّدٍعَدَدَمَافِي عِلمِ اللّٰہِصَلَاة دَآئِمَة ۢبِدَوَامِ مُلکِ اللّٰہ