Nachaqiyon ka Ilaj

Book Name:Nachaqiyon ka Ilaj

ڪوڙ جي تعريف

 ڪنهن جي باري ۾ خلافِ حقيقت خبر ڏيڻ (ڪوڙ چورائيندو آهي)۔ قائل (يعني ڪوڙي خبر ڏيندڙ وارو) گنهگار ان وقت ٿيندو جڏهن ته (بلاضرورت) ڄاڻي واڻي ڪوڙ ڳالهائي۔ (حديقةندية،القسم الثاني،المبحث الاول، ۴/ ۱۰)

 اچو! حديث سڳورين ۾ بَيان ڪيل ڪوڙ جون مُختلف تباھ ڪاريون ٻڌون ٿيون، جيئن

ڪوڙ جا ڀيانَڪ نتيجا:

٭ جڏهن ٻانهو ڪوڙ ڳالهائيندو آهي، ان جي بَدبُو سبب ملائڪ هڪ مِيل پري ٿي ويندو آهي۔ (ترمذي، ڪتاب البر والصلۃ، باب ماجاء في الصدق والڪذب، الحديث: ۱۹۷۹،۳/ ۳۹۲) ٭ ڪوڙ ڳالهائڻ سڀ کان وڏي خِيانت آهي۔ (سنن ابي داود، ڪتاب الادب، باب في المعاريض،الحديث:۴۹۷۱،۴/۳۸۱) ٭ ڪوڙ ايمان جو مُخالِف آهي۔ (مسنداحمد،مسند ابي بڪر الصديق،۱/۲۲،حديث:۱۶) ٭ ماڻهن کي کلائڻ جي لاءِ ڪوڙ ڳالهائڻ واري جي لاءِ هلاڪت آهي۔ (ترمذي،ڪتاب الزھد، باب ماجاء من تڪلم بالڪلمۃ ليضحڪ الناس، الحديث:۲۳۲۲، ۴/۱۴۲) ٭ ماڻهن کي کلائڻ جي لاءِ ڪوڙ ڳالهائڻ وارو جهنَّم جي ايتري اونهائي ۾ ڪرندو آهي جيڪو آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ فاصلي کان وڌيڪ آهي۔ (شعب الايمان، باب في حفظ اللسان، الحديث:۴۸۳۲، ۴/۲۱۳) ٭ ڪوڙ ڳالهائڻ سان مُنهن ڪارو ٿي ويندو آهي۔ (شعب الايمان، باب في حفظ اللسان، الحديث:۴۸۱۳، ۴/۲۰۸) ٭ ڪوڙي ڳالھ ڪرڻ ڪبيره گُناھ آهي۔ (لمعجم الڪبير،۱۸/۱۴۰،حديث:۲۹۳ ملخصاً) ٭ ڪوڙ ڳالهائڻ مُنافِق جي عَلامتن مان هڪ علامت آهي۔ (مسلم، ڪتاب الايمان، باب خصال المنافق،ص:۵۳، حديث:۲۱۰) ٭ ڪوڙ ڳالهائڻ وارا قِيامت جي ڏينهن، الله جي ويجھو سڀ کان وڌيڪ ناپسنديده اَفراد ۾ شامِل هوندا۔ (ڪنز العمال، ۱۶/۳۹، حديث:۴۴۰۳۷)    

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اوهان ڏٺو ته ڪوڙ آخِرت جي لاءِ ڪيترو نُقصان دِه آهي۔ ان ڪري عَقلمند اها ئي آهي جيڪا ڪوڙ کان پيڇو ڇڏائي هميشه سچ جو دامَن پڪڙي رکي۔ سچ ڳالهائڻ سان اسان نه صِرف ڪوڙ جي هنن وَعِيدن کان بچي وينديون سين بلڪ سچ ڳالهائڻ جي فائدن سان به مالامال ٿينديون سين۔ جيئن