Nachaqiyon ka Ilaj

Book Name:Nachaqiyon ka Ilaj

سچ ڳالهائڻ جا ڏهه فائدا:

حڪيمُ الامّت حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: (1) جيڪو شَخص سچ ڳالهائڻ جو عادي ٿي وڃي، اللہ اُن کي نيڪوڪار بڻائي ڇڏيندو۔ (2) ان جي عادت سُٺن ڪمن جي ٿي ويندي۔ (3) اُن جي بَرَڪت سان اهو مرڻ وَقت تائين نيڪ رهندو۔ (4) بُرائين کان بچندو۔ (5) جيڪو اللہ جي ويجھو صِدّيق ٿي ويندو ان جو خاتِمو چڱو ٿيندو۔ (6) اهو ہر قسم جي عَذاب کان مَحفُوظ رہندو۔ (7) ہر قسم جو ثَواب ماڻيندو۔ (8) دُنيا به اُن کي سچّو چوڻ، چڱو سمجھڻ لڳندي آهي۔ (9) اُن جي عزّت ماڻهن جي دِلين ۾ ويهي رهندي آهي۔ (مرآۃ المناجيح، ج۶/۴۵۲) (10) سچ هڪ اهڙو نُور آهي جيڪو سچ ڳالهائڻ وارن جي دلين جي ہدايت جو سبب بڻجندو آهي، جيتري قَدَر اُنهن کي پنهنجي رَبّ جو قُرب حاصِل ہوندو آهي، اوتري قدر ئي انهن کي اهو نُور حاصِل ٿيندو ويندو آهي۔ (روح البيان، پ۲۲، الاحزاب، تحت الايۃ:۳۵، ۷/۱۷۵)

اچو! اسان نيت ڪريون ٿيون ته آٓئنده ڪوڙ کان بچنديون سين ۽ هميشه سچ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪنديون سين۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

گار گند

   پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان گھريلو رنجشن ۽ جھيڙن جھٽن جي ڪارڻ ۽ سببن بابت بيان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيون هيون سين، يقينًا هر اسلامي ڀيڻ کي خبر آهي ته گارگند به انهن عملن مان آهي جيڪو کوڙ مصيبتن، رنجشن ۽ جھيڙن جو سبب ٿيندو آهي، ان ڪري هن نحوست کان به پاڻ کي بچايو، اڄ بد قسمتي سان اسان جي گھرن ۾ به گار گند جو معاملو عام ٿي ويو آهي اهو ئي سبب آهي جو گھر جا ٻار پڻ ان ڪري ننڍڙي عمر ۾ ئي گاريون سکي ويندا آهن، اهڙي طرح انهن جي تربيت تي برو اثر پوندو آهي، اهڙي طرح ٻاهر جو ماحول به بري طرح گارين جي وڪڙ ۾ اچي چڪو آهي، گار ڏيڻ گناھ ۽ مسلمان جي شان کان گھڻو پري آهي کوڙ حديث سڳورين ۾ هڪ ٻئي کي گار ڏيڻ جي مذمت بيان ڪئي وئي آهي، جيئن