Nachaqiyon ka Ilaj

Book Name:Nachaqiyon ka Ilaj

(1) ارشاد فرمايائون: مسلمان مسلمان جو ڀاءُ آهي، هو ان تي ظلم ناهي ڪندو ۽ نه ان کي گار ڏيندو آهي۔  (شرح السنه، ڪتاب البر والصلۃ، باب الستر، ۶/۴۸۹، الحديث: ۳۴۱۲)

(2) ارشاد فرمايائون: پاڻ ۾ گار ڏيڻ وارا ٻه ماڻهو جيڪو ڪجھ چون ته اهو (يعني ان جو وَبال) اڳرائي ڪرڻ واري تي آهي جيستائين مظلوم حد کان نه وڌي۔ (مسلم، ڪتاب البر والصلۃ والآداب، باب النهي عن السباب، ص۱۳۹۶، الحديث: ۶۸ (۲۵۸۷))

      اچو! اسان نيت ڪريون ٿيون ته گارگند کان بچنديون سين۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

غيبت

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان ناچاقي رنجش جي سببن ۽ انهن جي تباھ ڪارين بابت ٻڌي رهيون هيون سين۔ ياد رهي! ناچاقي جو هڪ سبب غيبت به آهي۔ غيبت ان کي چئبو آهي جو انسان جي ڪنهن اهڙي عيب جو ذِڪر ڪرڻ، جيڪا ان ۾ موجود هجي ته غيبت آهي، هاڻي اهو عيب چاهي ان جي دين، دنيا، ذات، اَخلاق، مال، اولاد، لباس، چُر پُر، مسڪراهٽ، وغيره ڪنهن به اهڙي شيء ۾ هجي، جيڪا ان سان تعلق رکي ٿي۔ چيو ويندو آهي: غيبت ۾ کجور جھڙي مٺاڻ ۽ شراب جهڙي تيزي ۽ سرور آهي۔ الله ڪريم هن آفت کان اسان جي حفاظت فرمائي ۔  (اَلزَّواجِر،۲ / ۲۴،۲۵)

ياد رکو! ٭ غيبت جي ڪري خوشحال گھر اُجڙي ويندا آهن، ٭ غيبت جي سبب سالن جون دوستيون ختم ٿي وينديون آهن، ٭ غيبت جي ڪري رشتا ٽٽي پوندا آهن، ٭ غيبت ايمان کي ڪپي ڇڏيندي آهي۔ ٭ غيبت بُري خاتمي جو سبب آهي۔ ٭ ڪثرت سان غيبت ڪرڻ واريءَ جون دعائون قبول ناهن ٿينديون، ٭ غيبت سان نَماز روزي جي نورانيت ختم ٿي ويندي آهي۔ ٭ غيبت سان نيڪيون برباد ٿينديون آهن۔ ٭ غيبت نيڪيون ساڙي ڇڏيندي آهي۔ ٭ غيبت ڪرڻ وارا قيـامت ۾ ڪُتي جي شڪل ۾اٿاريا ويندا ٭ غيبت ڪرڻ واري کي دوزخ ۾ پنهنجو ئي گوشت کائڻو پوندو ۽ ٭ قرآنِ ڪريم ۾