Nachaqiyon ka Ilaj

Book Name:Nachaqiyon ka Ilaj

غيبت ڪرڻ کي مُرده ڀاءُ جو گوشت کائڻ جي مترادف قرار ڏنو ويو آهي، جيئن

 پاره 26سُورَةُ الحُجُرَات جي آيت نمبر 12 ۾ الله ڪريم جو فرمانِ عبرت نشان آهي:

وَ لَا یَغْتَبْ بَّعْضُكُمْ بَعْضًاؕ-اَیُحِبُّ اَحَدُكُمْ اَنْ یَّاْكُلَ لَحْمَ اَخِیْهِ مَیْتًا فَكَرِهْتُمُوْهُؕ    (پ۲۶،الحجرات:۱۲)                     

ترجَمو ڪنزالايمان: ۽ هڪ ٻئي جي گلا نه ڪريو. ڇا توهان مان ڪو پسند ڪندو جو پنهنجي مئل ڀاءُ جو گوشت کائي . اهو توهان کي  نه وڻندو .

اچو نيت ڪريون ٿيون ته نه ئي غيبت ڪنديون سين ۽ نه ئي غيبت ٻڌنديون سين

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

صلح ڪري وٺو

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان رنجشن جا سبب ۽ انهن جي تباھ ڪارين جي باري ۾ ٻڌو، الله ڪري ته اسان غصو، ڪوڙ، غيبت، چغلي گارگند وغيره ڇڏي ڏيون، الله پاڪ جي پاڪ بارگاهه ۾ سچي توبهه ڪيون ۽ سڀني رنجشن کي ختم ڪري پاڻ ۾ صلح  ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون۔

ياد رکو! صلح ڪرڻ ۽ ڪرائڻ رب ڪريم کي خوش ڪرڻ وارو ڪم آهي، صلح ڪرڻ سان الله پاڪ راضي ٿئي ٿو، صلح ڪرائڻ پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري سنت آهي، صلح ڪرائڻ اسلاف جو معمول رهيو آهي، صلح ڪرڻ ۽ ڪرائڻ سان مسلمانن جون دليون خوش ٿينديون آهن، صلح ڪرڻ ۽ ڪرائڻ سان شيطان ناراض ٿيندو آهي، صلح ڪرڻ سان الله پاڪ جي رحمت لهندي آهي ايستائين جو قيامت جي ڏينهن ربِّ ڪريم پنهنجي ٻانهن جي وچ ۾ صلح ڪرائيندو۔ اچو! هن باري ۾ هڪ تمام ئي پياري روايت ٻڌون ٿيون،

الله پاڪ صُلح ڪرائيندو

اميرِ اهلسنّت حضرت علامه مولانا محمد الياس عطّار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ پنهنجي رسالي ”رنجشن جو علاج“ صفحي نمبر30 کان 32 تي لکن ٿا: حضرت سَيدُنا انس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن رحمت عالم، شاھ بني آدم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى