Nachaqiyon ka Ilaj

Book Name:Nachaqiyon ka Ilaj

نالو ۽ نسب، ولادت ۽ وصال

پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو نالو محمد امجد علي، والد جو نالو حڪيم جمال الدين ۽ ڏاڏي جو نالو مولانا خدا بخش آهي۔ صدرُالشّريعه مفتي محمدامجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ولادتِ باسعادت 1300هجري بمطابق1882 عيسوي ۾ مشرقي يوپي (هِند) جي علائقي مَدِينَۃُ العُلَمَاء گھوسي سابقه ضلع اعظم ڳڙھ حال ضلع مئو ۾ ٿي۔ 1367 هجري جي ٻي رات 12 وڳي 26 منٽ تي بمطابق 6 سيپٽمبر 1948 تي وفات ڪيائون، مدينةُ العُلَمَاء گھوسي (ضلع اعظم ڳڙھ) ۾ سندن مزار زيارت گاھ خاص ۽ عام آهي۔

صَدر الشّريعه جو شان ۽ عظمت جون جھلڪيون

٭ صدر الشّريعه کي سيدي اعليٰ حضرت جهڙي مجدّدِ دِين وملّت،امامِ اهلسنّت هِند جو قاضي اسلام مقرر فرمايائون۔ ٭ صدر الشّريعه کي اعليٰ حضرت پنهنجي خلافت عطا فرمائي هئي۔ ٭ صدر الشّريعه مُرشد جي آستاني جا وفادار هئا۔ ٭ صدر الشّريعه ننڍن ٻارن تي نهايت شفيق ۽ مهربان هئا۔ ٭ صدر الشّريعه سنّت تي عمل ڪندي گھر جو ڪم ڪار انتهائي مصروفيت جي باوجود پاڻ پنهنجي هٿن سان ڪندا هئا۔ ٭ نبي پاڪ،صاحبِ ِلولاڪ صَلَّی اللهُ تَعَالٰی عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سنّتن تي سختي سان عمل ڪندا هئا۔ ٭ سندن خصوصيتن مان اهو به هو جو پاڻ گھر يا ٻاهر ڪڏهن به نماز قضا نه ڪندا هئا، شديد بيماري ۾ به نماز جي پابندي ڪندا هئا۔ ٭ باجماعت نماز جو اهڙو جذبو هو جو مرحبا! جيڪڏهن ڪڏهن مؤذن مقرر وقت کان ليٽ ٿي ويندو هو ته پاڻ ئي آذان ڏيندا هئا۔ ٭ روزن سان اهڙي محبت هئي جو سخت بيماري ۾ به روزا نه ڇڏيندا هئا۔ ٭ ڪيتري ئي مصروفيت ڇو نه هجي فجر نماز کان پوءِ قرآنِ پاڪ جي هڪ سيپاري جي تلاوت ڪندا هئا۔ ٭ جمعي نماز کان پوءِ بِلاناغه 100 ڀيرا دُرودِ رضويه پڙھندا هئا۔ ٭ پنهنجي اولاد ۽ شاگردن جي عملي تعليم ۽ تربيت جو خصوصي خيال ڪندا هئا۔ ٭ خليفه اعليٰ حضرت صدر الشّريعه، اهڙا عاشقِ رسول هئا، جڏهن نعت شريف ٻڌندا هئا ته ادب طور ٻئي هٿ ٻڌي اکيون بند ڪندا هئا ۽ اکين مان عشقِ رسول ۾ لڙڪ وهڻ لڳندا هئا۔ ٭ سندن وفات سفرِ مدينه ۾ ٿي۔ ٭ سندن مبارڪ مزار مان پاڪيزه خوشبو ڪيئي ڏينهن تائين محسوس ڪئي وئي۔ ٭ سندن نهايت وڏو علمي ڪارنامو هي آهي ته پاڻ اُمّتِ