Nachaqiyon ka Ilaj

Book Name:Nachaqiyon ka Ilaj

مصطفي کي عالم بڻائڻ وارو ڪتاب يعني ”بهارِ شريعت“ عطا ڪيو۔

جس کے دم سے بہارِ شریعت ملی

ایسے صدرِ شریعت پہ لاکھوں سلام

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

صلح ڪرڻ بابت مدني گل

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اچو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي صلح بابت مدني گل ٻڌون ٿيون: مسلمانن جي وچ ۾ صُلح ڪرائڻ سُنّتِ اِلهٰيه آهي۔ (فيصله ڪرڻ ڪے مدني پھول،ص۳۱ملخصاً)حديثِ پاڪ ۾ آهي: مخلوق ۾ صُلح ڪرايو ڇوته الله ڪريم به بروزِ قيامت مسلمانن ۾ صُلح ڪرائيندو۔ (مستدرڪ، ۵/۷۹۵, حديث:۸۷۵۸) جيڪو شخص ماڻهن ۾ صُلح ڪرائيندو آهي الله پاڪ ان کي هر ڪلِمي جي بدلي هڪ غلام آزاد ڪرڻ جو ثواب عطا ڪندو آهي ۽ ان جا اڳوڻا (صغيره) گناھ معاف ڪندو آهي۔ (الترغيب والترھيب،ڪتاب الادب، باب اصلاح بين الناس، رقم: ۹،۳/۳۲۱ ملتقطاً) اهڙي صلح جائز ناهي جنهن جي سبب حلال کي حرام ڪرڻو پوي. جيئن حُضورِ اَقدَس صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اِرشاد فرمايو: مُسلمانن جي وچ ۾ صُلح ڪرائڻ جائز آهي پر اها صُلح (جائز ناهي) جيڪا حَرام کي حَلال يا حَلال کي حرام ڪري۔ (ابوداود، ڪتاب الاقضية، باب في الصلح،۳/۴۲۵،حديث:۳۵۹۴) ياد رهي!بدمذهب عورتن سان دوستي ۽ تعلق نه رکڻ گهرجي ۽ نه ئي انهن سان رشتيداري قائم ڪرڻ گهرجي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب“سنتیں۽آداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد