Nachaqiyon ka Ilaj

Book Name:Nachaqiyon ka Ilaj

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندَس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندَس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين اسلامي ڀينرن جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندَس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اڄ جي هن هفتيوار سُنّتن ڀري اجتماع جي بيان جو موضوع آهي ”رنجشن جو علاج“۔ جيئن ته رنجشن جو علاج ان جا سبب ڄاڻڻ بغير ناممڪن آهي، تنهنڪري رنجشن جا سبب ۽ انهن جي تباھ ڪارين بابت مبارڪ آيتون، احاديثِ ڪريمه ۽ نصيحت ۽ عبرت جا مدني گل هتي بيان ڪيا ويندا۔ اي ڪاش! اسان کي سڄو بيان سٺين سٺين نيتن سان ٻڌڻ جي سعادت نصيب ٿي وڃي۔ آمين

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اَوس ۽ خَزرَج جو داستان

 مدينه منوره ۾ عرب جا ٻه قبيلا رهندا هئا، هڪ جو نالو ”اَوس“ هو ٻئي جو نالو ”خَزۡرَج“ هو، اوس ۽ خزرج پهريان ته وڏي اتفاق ۽ اتحاد سان گڏجي رهندا هئا، پوءِ عربن جي فطرت جي مطابق هنن ٻنهن قبيلن ۾ لڙائيون شروع ٿي ويون۔ ايستائين جو آخري لڙائي جيڪا ”جنگ بُعاث“ جي نالي سان مشهور