Nachaqiyon ka Ilaj

Book Name:Nachaqiyon ka Ilaj

ڳلي لڳايو ۽ محبت سان پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي رهنمائي ۾ واپس پنهنجي پنهنجي گھرن ڏانهن اچي ويا۔

دنیا کے جھگڑوں سے یکسر چھڑا کر                                      غیروں کی اُلفت کو دِل سے مٹا کر

شاہِ والا مجھے اپنا بنالو                                                          اپنا بنالو مجھے اپنا بنالو

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!اوس ۽ خزرج جي هن داستان مان ٻه مدني گل حاصل ٿيا۔ هڪ مدني گل اهو مليوته جڏهن به ڪٿي لڙائي جھيڙي جي باھ ٻرڻ لڳي ته هڪ سچي ۽ سٺي اسلامي ڀيڻ جو ڪم آهي ته پنهنجي ڪريم آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نقشِ قدم تي هلندي لڙائي جھيڙي جي باھ کي وسائڻ جي ڪوشش ڪري۔ جڏهن ته صلح صفائي جي نالي تي هتي جي ڳالھ هُتي ڪرڻ، گڏوگڏ مرچ مصالحو به شامل ڪرڻ، پاڻ ۾ تڪرار کي ويتر هوا ڏيڻ ۽ لڙائي جھيڙي جو خواهشمند رهڻ اهو شيطان جو طريقو آهي۔

ٻيو مدني گل اهو به حاصل ٿيو ته لڙائي جھيڙو امن جي فضا کي خراب ڪرڻ سان گڏوگڏ ڌرين کي ڪمزور ڪندو ۽ انهن کي معاشي ۽ معاشرتي نقصان ۾ مبتلا ڪندو آهي۔ جيئن ته اوس ۽ خزرج جا قبيلا جڏهن جنگ ڪندا ها ته انهن جو مال به ضائع ٿيندو هو، جانيون به ضائع ٿينديون هيون جڏهن ته ملندو ڪجھ به نه هو بلڪ اهي بيحد ڪمزور ٿي ويندا ها۔ لڙائي جھيڙي جي انهن نقصانن جي پيشِ نظر چيو ويندو آهي ته جھيڙو جھٽو شيطاني ڪم آهي۔ شيطان ئي هن ڪوشش ۾ رهندو آهي ته ڪنهن نموني لڙائي جھيڙي جي باھ ٻاري، جيئن ته شيطان جي هن خطرناڪ وار سان خَبردار ڪندي سيپاري 15سُورهءِ بَني اِسرائيل جي آيت نمبر 53 ۾ الله ڪريم اِرشاد فرمائي ٿو:

اِنَّ الشَّیْطٰنَ یَنْزَغُ بَیْنَهُمْؕ-اِنَّ الشَّیْطٰنَ كَانَ لِلْاِنْسَانِ عَدُوًّا مُّبِیْنًا(۵۳)

ترجموڪنزالايمان: بيشڪ شيطان اُنهن جي وچ ۾ فساد وِجھي ٿو، بيشڪ شيطان ماڻهؤَ جو کُليل دشمن آهي.