Nachaqiyon ka Ilaj

Book Name:Nachaqiyon ka Ilaj

اهڙي طرح سيپارو 7 سُوْرَۃُ الْمائِدَۃ جي آيت نمبر91 ۾ ارشادِ رحمٰن آهي:

اِنَّمَا یُرِیْدُ الشَّیْطٰنُ اَنْ یُّوْقِعَ بَیْنَكُمُ الْعَدَاوَةَ وَ الْبَغْضَآءَ (پ 7 المائدة 91)            

ترجموڪنزالايمان: شيطان ته اهو گُهري ٿو توهان ۾ وير ۽ دُشمني وجهي ڇڏي

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان ڪيل آيت سڳورين کي سامهون رکندي جيڪڏهن اسان پنهنجي معاشَري تي نظر وجھون ته اسان ڏسنديون سين ته اڄ شيطان پنهنجي هن وار ۾ ڪامياب ٿيندو نظر پيو اچي، مثال طور ڪٿي ذات پات تي جھيڙو ٿي رهيو آهي ته ڪٿي اجائي تَعَصُّب جي ڪري هڪ ٻئي سان تڪرار ٿي رهيو آهي، ڪٿي اِداري وارن سان گار گند جو سلسلو آهي ته ڪٿي مُدَرّسات ۽ طالبات پاڻ ۾ ڳنڍيون پيون آهن، ڪٿي زال مڙس جي وچ ۾ جھڳڙو زور پيو پڪڙي، ته ڪٿي سس ننهن ۾ سخت ڪلامي جاري آهي، ته ڪٿي مالڪ مڪان ۽ ڪرائيدارن ۾ هاٿا پائي ٿي رهي آهي، ڪٿي ڪنڊيڪٽر ۽ سُوارين ۾ اڻبڻت هلي رهي آهي، ڪٿي ڊاڪٽر ۽ مريض هڪ ٻئي سان بي صبري ڪري رهيا آهن، ڪٿي پاڙيسري هڪ ٻئي جي رت جا پياسا آهن ته ڪٿي رشتيدارن ۾ خانه جنگي جو ماحول گرم آهي، ڪٿي سالن جي سهيلين ۾ اڻبڻت ٿي پئي آهي ته ڪٿي سڄو گھر ئي ميدانِ جنگ بڻيل آهي۔ جيڪڏهن اسان رسولِ اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي فرمانن تي عمل پيرا هجون ها، ته اڄ اسان جي معاشري ۾ رنجشن جي ڀرمار نه هجي ها ۽ هر پاسي الفت ۽ محبت جا نظارا عام هجن ها۔

اچو! لڙائي جھيڙن جي تباھ ڪارين تي مُشتَمِل چار (4) فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌو ۽ عبرت جا مَدَني گل حاصل ڪريو:

جھيڙي جھٽي جي مذمت تي 4 فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

(1) فرمايائون: ٻانهو اِيمان جي حقيقت ۾ ان وَقت تائين ڪمال کي نٿو پهچي سگھي، جيستائين هو حق تي هئڻ جي باوُجود جھيڙو نه ڇڏي۔      (موسوعة ابن ابي الدنيا، ڪتاب الصمت ،۷/ ۱۰۱، حديث : ۱۳۹)

(2) فرمايائون: جيڪو شخص اجايو جھيڙو ڪندو آهي، اهو هميشه الله پاڪ