Nachaqiyon ka Ilaj

Book Name:Nachaqiyon ka Ilaj

جي ناراضي ۾ هوندو آهي، ايستائين جو ان کي ڇڏي ڏي۔ (موسوعۃ لابن ابي الدنيا، ڪتاب الصَّمْت وآداب اللِّسان، باب ذم الخصومات،۷/۱۱۱، حديث: ۱۵۳)

(3) فرمايائون: ڪا قوم هدايت تي رهڻ بعد گمراھ ناهي ٿيندي پر جھيڙن جي سبب ۔               (ترمذي ، ڪتاب التفسير، باب ومن سورة الزخرف،۵/ ۱۷۰،حديث :۳۲۶۴)

(4) فرمايائون: الله پاڪ وٽ سڀ کان ناپسنديده شخص اهو آهي، جيڪو تمام گھڻو جھيڙاڪ هجي۔  (بخاري، ڪتاب المظالم، باب قول اﷲ تعالي:وهو الد الخصامِ،۲/ ۱۳۰،حديث:۲۴۵۷)

جڏهن ته جيڪو جھيڙو نه ڪري ان جي باري ۾ پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايائون: جيڪو غلطي تي هوندي جھيڙو ڪرڻ ڇڏي ڏي ان جي لاءِ جنت جي ڪناري تي هڪ گھر بڻايو ويندو ۽ جيڪو حق تي هئڻ باوجود جھيڙو ڇڏي ڏي ان جي لاءِ جنت جي وچ ۾ هڪ گھر بڻايو ويندو۔               (ترمذي ، ڪتا ب البروالصلۃ ، باب ماجاء في المراء ، حديث:۲۰۰۰ ، ۳ /۴۰۰)

اچو! اسان نيت ڪيون ته آئنده ڪڏهن به لڙائي جھيڙي ۾ نه پونديون سين ۽ هميشه شريعت جي دائري ۾ رهي ڪري صلح صفائي جي ڪوشش ڪنديون سين۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

بي وجهه غصو

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! غُصّو (ڪاوڙ) به هڪ اهڙو خطرناڪ مرض آهي جيڪو وڏا وڏا فتنا پيدا ڪندو ۽ رنجشن جا دروازا کوليندو آهي۔ غُصّو نفس جي ان جوش جو نالو آهي جيڪو ٻين کان بدلو وٺڻ يا ان کي دَفع (دور) ڪرڻ تي اُڀاري۔

(مرآۃ المناجيح،۶/۶۵۵)

بي وجهه غُصّي سبب پيدا ٿيندڙ 16 بُرائين جي نشاندهي

بي وجهه غُصّي (ڪاوڙ) سبب کوڙ ساريون برائيون پيدا ٿينديون آهن جيڪي آخِرت کي تباھ ڪندڙ آهن، مَثال طور ٭ غصي جي سبب حسد پيدا ٿي ويندو آهي۔ ٭ غصي جي سبب غيبتون ٿينديون آهن۔ ٭غصو چغلي هڻڻ