Nachaqiyon ka Ilaj

Book Name:Nachaqiyon ka Ilaj

تي اڀاريندو آهي۔ ٭ غصي سبب ڪينو پيدا ٿيندو آهي۔ ٭ غصو رشتيداري ختم ڪرائيندو آهي۔ ٭ غصو ڪوڙ ڏانهن وٺي ويندو آهي۔ ٭ غصي جي سبب انسان ماڻهن جي عزتن کي لتاڙيندو آهي۔ ٭ غصي سبب ٻين کي ڪم تر سمجھڻ جي گھٽيا سوچ پيدا ٿيندي آهي۔ ٭ غصي سبب فريقين ۾ گار گند جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي۔ ٭ غصو تڪبُّر ۾ مُبتَلا ڪندو آهي۔ ٭ غصو اجايو مار ڪٽ تي اڀاريندو آهي۔ ٭ غُصّو ٻين جي ڪاٽ ڪرڻ تي اڪسائيندو آهي۔ ٭ غصي ڪرڻ سبب اِحسان فراموشي جهڙي خراب عادت پيدا ٿيندي آهي وغيره۔

 ڪجھ جي ڪاوڙ دل ۾ لڪيل هوندي آهي ۽ سالن تائين ختم ناهي ٿيندي ۽ انهيءَ ڪاوڙ جي ڪري هڪٻئي جي شادين ۽ غمين ۾ شرڪت ناهي ٿي سگهندي۔ ڪجھ اسلامي ڀينرون بظاهر نيڪ به هجن پوءِ به غُصّو دل ۾ لڪائي رکنديون آهن، ان جو اظهار هن طرح ٿيندو آهي جو جيڪڏهن پهريان ان تي اِحسان ڪنديون هيون ته هاڻي نٿيون ڪن، هاڻي ان سان حُسنِ سُلوڪ سان پيش نٿيون اچن، نه همدردي جو مُظاهرو ڪنديون آهن، جيڪڏهن ان ڪو اجتِماعِ ذڪرونعت وغيره جو اِهتِمام ڪيو ته مَعاذَاللّٰه صرف نفس جي خاطر ٿيندڙ ناراضي ۽ غُصي جي ڪري ان ۾ شرڪت کان پنهنجو پاڻ کي محروم ڪنديون آهن۔ ڪجھ رشتيدار اهڙا به هوندا آهن جو ان سان چاهي ڪيترو به سٺو سُلوڪ ڪيو وڃي پر پوءِ به اهي ناهن سڌرندا، بهرحال اسان کي مايوس نه ٿيڻ گھرجي۔ ”جامِعِ صغير“ ۾ آهي:صِلْ مَنْ قَطَعَڪ يعني ”جيڪو توسان رشتو ٽوڙي تون ان سان ڳنڍ۔“ (جامع صغير،ص۳۰۹، حديث:۵۰۰۴)

اچو! اسان نيت ڪريون ٿيون ته آئنده بلاوجھ غصو نافذ ڪرڻ کان بچڻ جي پوري ڪوشش ڪنديون سين۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

چغلي

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! چغلي به هڪ اهڙي منحوس بيماري  آهي