Nachaqiyon ka Ilaj

Book Name:Nachaqiyon ka Ilaj

جيڪا کوڙ شين جي تباهي ۽ بربادي ۽ پاڻ ۾ رنجشن جو سبب بڻجندي آهي۔

چغلي ڇا کي چئبو آهي ؟

امام نَوَوِي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان منقول آهي: ڪنهن جي ڳالھ نقصان پهچائڻ جي ارادي سان ٻئي تائين پهچائڻ چُغلي آهي۔ (عمدۃ القاري،۲/۵۹۴، تحت الحديث: ۲۱۶)

ماڻهن جي وچ ۾ فساد وجھڻ جي لاءِ هڪ جي ڳالھ ٻئي تائين پهچائڻ کي چغلي چئبو آهي۔ (الزواجر عن اقتراف الڪبائر، الباب الثاني، الڪبيرۃ الثانيۃ والخمسون بعد المأتين: النميمۃ، ۲/۴۶)

چغل خوري جون تباهه ڪاريون

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! افسوس تمام گهڻو افسوس! اڄ اسان جي معاشري ۾ چغليءَ جو مرض تيزي سان عام ٿيندو پيو وڃي۔ پهريان جي ماڻهن ۾ احترامِ مسلم جو جذبو گھڻو موجود هو ۽ هر هڪٻئي جي عزت جي حفاظت ڪندو هو پر افسوس! هاڻي هر پاسي نفرتن جون ديوارون قائم ٿي چڪيون آهن۔ چغلي جي هن تباھ ڪندڙ بيماري جي سبب ڄڻ ته گھر گھر ميدانِ جنگ بڻيل آهي، ڪالھ تائين جيڪي هڪ ٻئي تي جان قربان ڪرڻ جي دعويٰ ڪنديون هيون، جيڪي هڪ ٻي جي عزّت جي حفاظت ڪرڻ واريون هيون، جن جي دوستي ۽ انهن جي اِتِّفاق ۽ اِتِّحاد جا مثال ڏنا ويندا هئا، جن کي هڪ ٻي جي خلاف هڪ لفظ ٻڌڻ به پسند نه هو، جيڪي بُري وَقت ۾ هڪ ٻئي جي ڪم اينديون هيون، جيڪي هڪ ٻئي کي نيڪي جي ڪمن جون ترغيبون ڏيارينديون هيون، چغل خوري جهڙي مَنحوس شيطاني ڪم جي نَحوست جي سبب اُنهن جي وچ ۾ نفرتن جون اهڙيون ته مضبوط ديوارون قائم ٿي وينديون آهن جو پوءِ اهي هڪٻئي کي ڏسڻ به پسند ناهن ڪنديون، ائين سمجھو ته جھڙي طرح باھ گھرن، فيڪٽرين، ڪمپنين، گودامن، جنگلن، ڳوٺن، ۽ مختلف شين کي ڪلاڪن بلڪ مِنٽن ۾ ساڙي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيندي آهي، اهڙي طرح نسل، قومن، گھرن، خاندانن، ادارن، تنظيمن ۽ تحريڪن جو اَمن خراب ڪرڻ ۽ دلين ۾ نفرتون ڦهلائڻ ۾ اڪثر چغل خوري ئي جون تباھ ڪاريون نظر اينديون آهن۔

اچو! عبرت جي لاءِ 3 فرمانِ مُصطَفٰيصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  ملاحظه ڪريو: