Mout Ki Talkhi Aur Karwahat

Book Name:Mout Ki Talkhi Aur Karwahat

ٿيندڙ تمام گناهن کان توبه ڪئي؟ ۽ خدانخواسته گناھ ٿيڻ جي صورت ۾ يڪدم توبه ڪري آئنده اهو گناھ نه ڪرڻ جو عهد ڪيو؟

  روزانو فڪرِ مدينه ڪرڻ ۾ جيڪڏهن اِستقامت ملي وئي ته ان جي برڪت سان هن مدني انعام تي به عمل ٿيندو رهندو۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! گناھ انسان کان ئي ٿيندا آهن پر گناهن تي ڄمي وڃڻ، انهن تي اِصرار ڪندو رهڻ ۽ توبه کان پاسو ڪرڻ تمام وڏي بي وقوفي آهي، مؤمن ٻانهي جو شان اهو آهي جو جيڪڏهن ان کان ڪو گناھ سَرزَد ٿي وڃي ته يڪدم توبه ڪندو آهي، ٻيهر گناھ ٿي وڃي ته اهو وري توبه ڪندو آهي، وري گناھ ٿي وڃي ته وري اهو توبه ڪندو آهي، مطلب ته بار بار توبه ڪرڻ ايمان جي تقاضن مان هڪ تقاضا آهي۔ الله پاڪ قرآنِ پاڪ ۾ ڪيئي هنڌن تي توبه ڪرڻ ۽ پنهنجن گناهن کان معافي گھرڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ جيڪي ماڻهو الله پاڪ جي بارگاھ ۾ سچي توبه ڪندا آهن الله پاڪ انهن کان ڏاڍو خُوش ٿيندو آهي ۽ انهن تي پنهنجو خُصُوصِي فَضل ۽ ڪرم به ڪندو آهي۔ جيئن سيپاري 6 سُوْرَة الْمائِده جي آيت نمبر 39 ۾ اِرشاد آهي:

فَمَنْ تَابَ مِنْۢ بَعْدِ ظُلْمِهٖ وَ اَصْلَحَ فَاِنَّ اللّٰهَ یَتُوْبُ عَلَیْهِؕ-اِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِیْمٌ(۳۹)                  

ترجمو ڪنزالايمان: سو جيڪو پنهنجي ظلم کانپوءِ توبه ڪري ۽ پاڻ سُڌرِي وڃي ته الله پنهنجِي مهر (مهرباني) سان رجُوع فرمائِيندو. بيشڪ الله بخشيندڙ مهربان آهي.

تفسير’’صِراطُ الجِنان‘‘ ۾ هن آيت سڳوري جي حوالي سان لکيل آهي ته توبه نِهايت نَفيس شيء آهي، ڪيترو ئي وڏو گُناھ ڇونه هجي، جيڪڏهن ان کان توبه ڪئي وڃي ته الله پاڪ پنهنجو حق مُعاف فرمائي ڇڏيندو آهي ۽ توبه ڪرڻ واري کي آخرت جي عذاب کان نَجات ڏئي ڇڏيندو آهي۔ (صراط الجنان،۲/ ۴۳۰)