Mout Ki Talkhi Aur Karwahat

Book Name:Mout Ki Talkhi Aur Karwahat

جي حسين جلون جو نظارو ٿي وڃي ته هن خوشي ۾ موت جي سختين جي شدت به وساري وينهدس.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان موت سختين جي باري ۾ ٻُڌي رهيا هئاسين، يقيناً گناهن جي وڌندڙ سيلاب ۽ بُري صحبتن اسان کي فڪرِ آخرت ۽ فڪرِ موت کان گھڻو پري ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته اسان جي بزرگن جو اهو طريقو هو جو اهي پاڪيزه ماڻهو ڪثرت سان موت کي ياد ڪندا هئا، اسان کي به موت کي ياد ڪرڻ جي عادت بنائڻ گھرجي۔ ڪجھ بزرگن جي باري ۾ لکيو ويو آهي ته جڏهن انهن جي سامهون موت ۽ قبر ۽ آخرت جي ڳالھ ڪئي ويندي هئي ته انهن جي حالت خوف سبب غير ٿي ويندي هئي، ڪنهن جو جسم سُن ٿي ويندو هو ته ڪنهن جا ڳوڙها نه بيهندا هئا، ڪو روڄ راڙي ۾ مصروف ٿي ويندو هو ته ڪو خوف سبب بيقرار ٿي ويندو هو۔

اي عاشقانِ رسول! غور ڪريو! جن بزرگانِ دِين رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی جا واقعا اسان ٻڌا، هي اهي عظيم هستيون هيون جن جا ڏينهن رات گناهن کان بچندي الله پاڪ جي عبادت ۾ گذرندا هئا، هي اهي عظيم هستيون هيون جن جي زبان فضول گوئي کان بچندي الله پاڪ جو ذِڪر ڪندي هئي، هي اهي عظيم هستيون هيون جن جون اکيون الله پاڪ جي خوف سبب جھڪيل رهنديون هيون، جڏهن ته اسان جو حال ان جي بلڪل ابتڙ آهي، اسان ته کلي کلي گناھ ڪري رهيا هوندا آهيون ۽ ندامت ۽ شرمندگي به ناهي ٿيندي، اسان جو ڇا ٿيندو؟ اسان جي دِل جي سختي ڪيتري قدر وڌي چڪي آهي جو موت جو تذڪرو سٺو ناهي لڳندو، ڪو موت ۽ آخرت جي تياري جي ڳالھ ڪري ته دل بيزار ٿيڻ لڳندي آهي، ذهن ڪا نصيحت جي ڳالھ قبول ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي ٿيندو، اي ڪاش! اسان به پنهنجي بزرگن جيان موت ۽ قبر جي خوف