Mout Ki Talkhi Aur Karwahat

Book Name:Mout Ki Talkhi Aur Karwahat

سبب بيقرار رهڻ وارا بڻجي وڃون۔ هن  ڳالھ ۾  ڪو شڪ ناهي ته موت جون سختيون بي پناھ آهن، پر ان وَقت جيڪڏهن ڪرم ٿي وڃي ۽ پياري آقا، حبيبِ ڪبريا، مٺي مٺي مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جَلوه گري ٿي وڃي ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مَوت جون سموريون سَختِيون آسان ٿي وينديون، حضرت علامه مُفتي اَحمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه مِرآة المناجيح ۾ لکن ٿا: ”عالم سڳورا فرمائن ٿا ته هاڻي به حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي خاص خادمن کي انهن جي مرڻ وقت ڪلِمو پڙھائڻ جي لاءِ تَشرِيف فرما ٿيندا آهن، اهڙا ماڻهو به ڏٺا ويا آهن جن مرڻ وقت حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي تَشرِيف آوري جي خبر ان وقت موجود ماڻهن کي ڏني، پاڻ سڪرات جي حالت ۾ هنڌ تان اٿي بيهي رهيا، ويٺلن کي چيائون، تَعظيم ڪيو، حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف کڻي آيا آهن۔“ (مرآة المناجيح ، ۲/۴۲۶) ڪاش اسان گُناهگارن تي به ڪرم ٿي وڃي ۽ مرڻ وَقت  مُصطفيٰ ڪريمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جلوي جي جھلڪ نصيب ٿي وڃي۔

یہ عرض گنہگار کی ہے شاہِ زمانہ                                     جب آخِری وَقت آئے مجھے بُھول نہ جانا

سکرات کی جب سختیاں سرکار ہوں طاری                      لِلّٰہ! مجھے اپنے نظاروں میں گُمانا

ڈر لگتا ہے ایماں کہیں ہو جائے نہ برباد                           سرکار بُرے خاتمے سے مجھ کو بچانا

جب روح مِرے تن سے نکلنے کی گھڑی ہو                      شیطانِ لعیں سے مِرا ایمان بچانا

جب دم ہو لبوں پر اے شَہَنشاہِ مدینہ                             تم جلوہ دکھانا مجھے کلمہ بھی پڑھانا

آقا مِرا جس وَقت کہ دم ٹُوٹ رہا ہو                              اُس وَقت مجھے چہرۂ پُرنور دِکھانا

سرکار! مجھے نَزع میں مت چھوڑنا تنہا                             تم آ کے مجھے سورۂ یاسین سُنانا

(وسائلِ بخشش ، ص ۳۵۲)

   صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد